آمريڪا پاران ڪولمبيا جي نئين حڪومت کي هڪ ارب ڊالر جي سيڪيورٽي امداد ڏيڻ جو اعلان

واشنگٽن- 08 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا، ڪولمبيا جي نئين حڪومت کي سيڪيورٽي جي شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر جي امداد فراهم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ڪانگريس جي تعاون سان ڪولمبيا جي نئين صدر ابيلاردوڊي لا ايسپريئيا جي حڪومت لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڪيورٽي پيڪيج جو اعلان ڪندي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ان …

واشنگٽن- 08 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا، ڪولمبيا جي نئين حڪومت کي سيڪيورٽي جي شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر جي امداد فراهم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ڪانگريس جي تعاون سان ڪولمبيا جي نئين صدر ابيلاردوڊي لا ايسپريئيا جي حڪومت لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڪيورٽي پيڪيج جو اعلان ڪندي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ان امداد جو مقصد ٻنهي ملڪن جي گڏيل سيڪيورٽي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪولمبيا جي مدد ڪرڻ آهي. ڪولمبيا جي نئين صدر جمعي ڏينهن پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو. هن چونڊ مهم دوران ملڪ ۾ ڏوهن خلاف سخت ڪارروائي ۽ معيشت جي بحالي جي عزم جو اظهار ڪيو هو. آمريڪي صدر به صدارتي چونڊ دوران سندس حمايت ڪئي هئي. آمريڪي پرڏيهي کاتي مطابق ڪولمبيا کي ٽرمپ انتظاميا طرفان جوڙيل شيلڊ آف دي امريڪنز اتحاد ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. ان اتحاد ۾ ساڄي ڌر جا اڳواڻ منشيات جي اسمگلنگ خلاف گڏيل ڪارروائي جي عزم جو اظهار ڪري رهيا آهن. ٽرمپ انتظاميا لاطيني آمريڪا ۾ موجودگي ۽ اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ قدم تيز ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي ڪولمبيا جي اڳوڻي صدر گستاوو پيٽرو ۽ صدر ٽرمپ وچ ۾ به مختلف معاملن تي شديد اختلاف رهيا آهن. پيٽرو غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائين ۽ ڪيريبين سمنڊ ۾ آمريڪي فوجي حملن تي ٽرمپ انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بنايو هو، جڏهن ته صدارتي چونڊ ۾ ڊي لا ايسپريئيا کي ٽرمپ جي حمايت تي به اعتراض ڪيو هو.