دمشق- 08 آگسٽ (اي پي پي) عالمي بينڪ جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي بورڊ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن تحت شام ۾ جديد، محفوظ ۽ ڊجيٽل سهولتن سان ليس ماليتاتي شعبي جو بنياد مضبوط بڻائڻ لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عالمي بينڪ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شام جي مالياتي شعبي جي جديد ڪاري جي منصوبي تحت اهڙي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، …
عالمي بينڪ شام لاءِ مالياتي شعبي جي جديدڪاري لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ منظور ڪري ورتي

مزید خبریں
دمشق- 08 آگسٽ (اي پي پي) عالمي بينڪ جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جي بورڊ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن تحت شام ۾ جديد، محفوظ ۽ ڊجيٽل سهولتن سان ليس ماليتاتي شعبي جو بنياد مضبوط بڻائڻ لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عالمي بينڪ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شام جي مالياتي شعبي جي جديد ڪاري جي منصوبي تحت اهڙي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جنهن سان مالي ڏيتي ليتي کي وڌيڪ محفوظ، تيز ۽ شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته مالياتي خدمتن تائين پهچ لاءِ به سازگار ماحول پيدا ڪيو ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو منصوبو ادائيگين کي وڌيڪ محفوظ ۽ اثرائتو بنائڻ، مالياتي نظام جي شفافيت ۽ سلامتي کي مضبوط ڪرڻ ۽ اهڙين بنيادي سهولتن جي تياري ۾ مدد ڪندو، جن ذريعي مالياتي شعبو ماڻهن ۽ ڪاروباري ادارن کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهندو. منصوبي تي عملدرآمد دوران مالياتي شعبي جو بنيادي نظام فعال ڪرڻ، ساليانو گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪروڙ اليڪٽرانڪ ادائيگين کي ممڪن بنائڻ ۽ منصوبي تحت تيار ڪيل نظام ذريعي 5 لک ماڻهن ۽ ڪاروباري ادارن کي ڊجيٽل ادائيگين جي فعال استعمال ۾ مدد ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڏيڍ لک عورتون به شامل هونديون. شام جي مرڪزي بينڪ جي گورنر محمد صفوت رسلان چيو ته عالمي بينڪ طرفان 10 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ جي منظوري ملڪ جي مالياتي ۽ بينڪاري ڍانچي جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل ۽ عالمي معيارن ۽ بهترين طريقيڪار سان هم آهنگ جديد مالياتي شعبي جي جوڙجڪ طرف هڪ اهم قدم آهي.











