سيسي جي انتظام هيٺ صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ صحت کاتي جي ڪميونيڪيبل ڊيزيز ڪنٽرول پروگرام تحت (ايڇ آءِ وي) جي اسڪريننگ جاري آهي: سعيد غني

ڪراچي -06 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي سگهه ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سيسي جي انتظام هيٺ صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ صحت کاتي جي ڪميونيڪيبل ڊيزيز ڪنٽرول پروگرام تحت (ايڇ آءِ وي) جي اسڪريننگ جاري آهي. هن چيو ته وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن بابت قائم ڪيل جاچ ڪميٽين جي سفارشن تي 37 ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ آفيسرن کي …

ڪراچي -06 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي سگهه ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سيسي جي انتظام هيٺ صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ صحت کاتي جي ڪميونيڪيبل ڊيزيز ڪنٽرول پروگرام تحت (ايڇ آءِ وي) جي اسڪريننگ جاري آهي. هن چيو ته وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن بابت قائم ڪيل جاچ ڪميٽين جي سفارشن تي 37 ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ آفيسرن کي حتمي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن تي به ڏوهاري غفلت ثابت ٿي ته کاتي جي ڪارروائي سان گڏ سندس خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سينيٽ جي قومي صحت جي ضابطن ۽ هم آهنگي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪيو. اجلاس جي صدارت سينيٽر عامر علي الدين چشتي ڪئي، جڏهن ته وفاقي صحت واري وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، سينيٽر مسرور احسن، سينيٽر انوشا رحمان، سينيٽر سميِنه ممتاز، سينيٽر نديم احمد ڀٽو، سيڪريٽري محنت سنڌ ساجد جمال ابڙو، سيسي جي ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير اجلاس کي وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪيس رپورٽ ٿيڻ شرط صحت کاتي جي ڪميونيڪيبل ڊزيز ڪنٽرول پروگرام تحت اسپتال ۽ ڀرپاسي جي آبادين ۾ فوري طور اسڪريننگ شروع ڪئي وئي. هيستائين 10 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، جن مان 120 ڄڻن ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو رپورٽ ٿيو. انهن مان 81 ٻار سيسي جي رجسٽرڊ ملازمن جا ٻار آهن، جڏهن ته 39 ٻار رجسٽرڊ ملازمن سان لاڳاپيل ناهن. سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت انهن سمورن 120 متاثر ٻارن جي علاج، سنڀال ۽ فلاح جي ذميواري پنهنجي مٿان ورتي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان کانپوءِ احتياطي طور لانڍي اسپتال ۾ به، جتي اڳ ڪو به ايڇ آءِ وي ڪيس رپورٽ نه ٿيو هو، داخل مريضن، او پي ڊي ۾ ايندڙ مريضن ۽ ڀرپاسي جي آبادين جي اسڪريننگ شروع ڪئي وئي. هيستائين 7 هزار 500 ماڻهن جي جاچ ڪئي وئي، جن مان 21 ڄڻا ايڇ آءِ وي پازيٽو نڪتا. هن چيو ته انهن مريضن جي اسپتال سان ڪا اڳوڻي طبي تاريخ موجود نه هئي، جڏهن ته ڪجهه مريضن ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو اچڻ جا ٻيا خارجي سبب پڻ سامهون آيا آهن. سينيٽرن جي سوالن جا جواب ڏيندي سعيد غني چيو ته هو وزير جي حيثيت سان هن معاملي جي ذميواري قبول ڪري ٿو. هن چيو ته متاثر ٻارن جي علاج لاءِ پاڪستان جي نامور ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي ماهر ڪميٽي جوڙي پئي وڃي، جيڪا جديد ترين طبي سهولتون فراهم ڪندي ۽ متاثر ٻارن جي مڪمل علاج کي يقيني بڻائيندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته متاثر خاندانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سيسي تحت 2 ارب رپين جو اينڊوومينٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. ان فنڊ جي شفاف استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ آزاد ۽ خودمختيار اسٽينڊنگ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ صوبي جون نامور شخصيتون شامل ڪيون وينديون. سعيد غني چيو ته هو هن معزز فورم کي يقين ڏياري ٿو ته هن معاملي ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي ڪنهن به صورت ۾ بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي. جنهن تي به غفلت يا ڏوهه ثابت ٿيو، ان سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي ۽ قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد متاثر ٻارن کي بهترين علاج فراهم ڪرڻ سان گڏ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي مڪمل روڪٿام کي يقيني بڻائڻ آهي.