سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ جشنِ آزادي جي تقريبن جو باقاعده آغاز قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب سان ڪيو ويو

حيدرآباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ جشنِ آزادي 2026ع جي تقريبن جو باقاعده آغاز قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب سان ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ "معرڪه حق کان تعميرِ پاڪستان تائين قومي ترقي ۾ زرعي يونيورسٽين جو ڪردار" جي عنوان هيٺ افتتاحي سيمينار منعقد ڪيو ويو.سيمينار جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي، جڏهن ته استادن، …

حيدرآباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ جشنِ آزادي 2026ع جي تقريبن جو باقاعده آغاز قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب سان ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ "معرڪه حق کان تعميرِ پاڪستان تائين قومي ترقي ۾ زرعي يونيورسٽين جو ڪردار” جي عنوان هيٺ افتتاحي سيمينار منعقد ڪيو ويو.سيمينار جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي، جڏهن ته استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي . سيمينار کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي، دفاع ۽ معاشي استحڪام جو دارومدار جديد ٽيڪنالاجي، معياري تعليم ۽ باصلاحيت نوجوانن تي هوندو آهي. هن چيو ته مستقبل جي قيادت اڄ جي نوجوانن کي سنڀالڻي آهي، تنهن ڪري کين علم، تحقيق، جدت ۽ عملي مهارتن سان آراسته ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته قابل ۽ باصلاحيت نوجوان ئي ملڪ کي ترقي جي نون منزلن تائين پهچائي سگهن ٿا.هن چيو ته پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي صلاحيتن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي، ۽ پاڪ فوج جي بهترين حڪمت عملي ۽ پيشيوراڻي منصوبابندي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته قومي عزم، اتحاد ۽ صلاحيت جي بنياد تي وسيلن ۽ ايراضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي به شڪست ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته تازو "معرڪه حق” قوم جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ دفاع تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو.ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته اڄ تعميرِ پاڪستان جي گهرج آهي ته نوجوان نسل علم، تحقيق ۽ جدت کي پنهنجو مقصد بڻائي. هن چيو ته زرعي يونيورسٽيون قومي غذائي تحفظ، جديد زرعي تحقيق، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ، زرعي جدت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ماهر انساني وسيلن جي تياري ذريعي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ۽ مستقبل ۾ اهو ڪردار وڌيڪ اهميت اختيار ڪندو. اسٽيپ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جشنِ آزادي جي سلسلي ۾ يونيورسٽي ۾ سڄي مهيني دوران تعليمي، تحقيقي، سماجي، ثقافتي، ماحولياتي ۽ راندين جون مختلف سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد شاگردن ۾ حب الوطني، قومي يڪجهتي، سماجي ذميواري ۽ مثبت قومي شعور کي هٿي ڏيڻ آهي.انجنيئر ڊاڪٽر ظهير خان چيو ته پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ زرعي تعليم، تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي.ان کان اڳ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ آڏو قومي جهنڊو ڦڙڪايو، جڏهن ته پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، خوشحالي ۽ وطن جي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خصوصي دعا پڻ گهري وئي.ان موقعي تي ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر منير احمد مڱريو ۽ ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي پڻ اسٽيج تي موجود هئا.