لاڙڪاڻو-06 آگسٽ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ ماءُ جي ٿڃ پيارڻ جو عالمي هفتو (ورلڊ بريسٽ فيڊنگ ويڪ 2026 ع) جي سلسلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. خميس ڏينهن شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ورلڊ پاران سنڌ حڪومتِ، صحت کاتي، انٽرنيشنل ريسڪيو ڪاميٽي IRC)، يونيسيف، عالمي صحت واري اداري، پي پي ايڇ آءِ سنڌ، ايس اوجي پي، ايم اي پي، بينظير ڀٽو نرسنگ …
شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ ماءُ جي ٿڃ پيارڻ جو عالمي هفتو ملھائڻ جي سلسلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-06 آگسٽ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ ماءُ جي ٿڃ پيارڻ جو عالمي هفتو (ورلڊ بريسٽ فيڊنگ ويڪ 2026 ع) جي سلسلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. خميس ڏينهن شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ورلڊ پاران سنڌ حڪومتِ، صحت کاتي، انٽرنيشنل ريسڪيو ڪاميٽي IRC)، يونيسيف، عالمي صحت واري اداري، پي پي ايڇ آءِ سنڌ، ايس اوجي پي، ايم اي پي، بينظير ڀٽو نرسنگ يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، زيبسٽ، بي بي ايس يو ٽي ايس ڊي، ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج، گمس، اي اي پي، سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي، ايس آءِ ايڇ ايس، نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام، ڊي ڊي ايف، بي ايس ڊبليو اي، ڪي ڊي اي ۽ گرين اسٽار جي سھڪار سان ورلڊ بريسٽ فيڊنگ ويڪ 2026ع جي سلسلي ۾ هڪ اهم سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد تازو ڄاول ٻارن لاءِ ماءُ جي کير جي اهميت بابت آگاهي وڌائڻ ۽ سنڌ پروٽيڪشن اينڊ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ ينگ چائلڊ نيوٽريشن ايڪٽ 2023 ع تي مؤثر عملدرآمد کي هٿي ڏيڻ هو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي سرپرستيءَ ۾ منعقد ٿيل هن سيمينار ۾ 600 کان وڌيڪ ماھرن شرڪت ڪئي. سيمينار جو موضوع ” زندگي جي پائيدار شروعات لاءِ ماءُ جو کير، جيڪي قدم اثرائتا آهن، تن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ” هو. صحت ۽ آباديءَ جي ڀلائي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو وڊيو لنڪ ذريعي سيمينار کي خطاب ڪندي حڪومت سنڌ جي ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي بهتري لاءِ عزم کي ورجايو. هن چيو ته ماءُ جو کير ٻارن جي صحت، غذائيت ۽ روشن مستقبل لاءِ سڀ کان اثرائتي سيڙپڪاري آهي. هن زور ڀريو ته ماءُ جي کير جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ حڪومتي ادارن، صحت جي ماهرن، تعليمي ادارن، ملازمت فراهم ڪندڙ ادارن، برادرين ۽ خاندانن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه کي اهڙي اهم تقريب منعقد ڪرڻ تي ساراهيو ۽ سڀني لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته سنڌ بريسٽ فيڊنگ پروٽيڪشن اينڊ پروموشن ايڪٽ تي مڪمل عملدرآمد ۽ بيبي فرينڊلي هاسپيٽل انيشيئيٽو کي هٿي ڌيڻ لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه مھمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت تحقيق، تعليم ۽ آگاهي جي واڌاري لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. تقريب کي وزير اعليٰ جي معاون خصوصي خير محمد شيخ، وائيس چانسلر لاڙڪاڻو يونيورسٽي پروفيسر نيڪ محمد شيخ، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر عبدالرشيد، ڊين پروفيسر شاھدہ مگسي، انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر راڻو مل لوهاڻو پڻ خطاب ڪيو. ان سان گڏوگڏ سھڪار ڪندڙ ادارن جي نمائندن، ڊينز ۽ فئڪلٽي ميمبرن پڻ سنڌ ۾ ماءُ جي کير جي حمايت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت پنھنجا خيال پيش ڪيا. ٽيڪنيڪل سيشن دوران صحت جي عالمي اداري، يونيسيف پاڪستان، سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي، پي پي ايڇ آءِ سنڌ ۽ ايس ايم بي بي ميڊيڪل يونيورسٽي جي ماهرن ماءُ جي کير بابت جديد سائنسي ڄاڻ، سنڌ جي موجوده صورتحال، سنڌ بريسٽ فيڊنگ ايڪٽ تي عملدرآمد ۽ صحت جي ادارن ۽ برادرين وسيلي ماءُ جي کير جي حمايت کي بھتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن تي روشني وڌي. شرڪت ڪندڙن يونيورسٽين، پيشيور تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي ڪردار تي پڻ تفصيلي ويچار ونڊيا، ته جيئن ماءُ جي کير جي حمايتي ماحول کي هٿي ڏئي سگهجي. سيمينار جي پڄاڻي "لاڙڪاڻو بريسٽ فيڊنگ ايڪشن ڊڪليئريشن 2026” جي منظوري سان ٿي، جنھن تحت شريڪ ادارن سنڌ بريسٽ فيڊنگ ايڪٽ تي عملدرآمد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ماءُ جي کير بابت صلاحڪاري ۽ سھولتن کي بھتر ڪرڻ، ماءُ جي کير دوست ڪم ڪار جي جڳھن ۽ صحت جي ادارن کي هٿي ڏيڻ، تحقيق ۽ جدت جي همٿ افزائي ڪرڻ ۽ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت جي بھتري لاءِ گڏيل سهڪار وڌائڻ جو عزم ورجايو. آخر ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي سڀني سھڪار ڪندڙ ادارن ۽ شرڪت ڪندڙن جا سندن تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ ان اميد جو اظھار ڪيو ته هن سيمينار ذريعي مضبوط ٿيندڙ ڀائيواري سنڌ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.











