لاڙڪاڻو -06 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود خان جي صدارت هيٺ 8 آگسٽ کان 18 آگسٽ تائين جاري رهندڙ 10 ڏينهن واري پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر رشيد مسعود خان چيو ته حفاظتي ٽڪن جي توسيعي پروگرام (EPI) کي وڌيڪ خبردار رهڻ جي ضرورت آهي ۽ …
لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 10 ڏينهن واري پوليو مهم 8 آگسٽ کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو -06 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود خان جي صدارت هيٺ 8 آگسٽ کان 18 آگسٽ تائين جاري رهندڙ 10 ڏينهن واري پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر رشيد مسعود خان چيو ته حفاظتي ٽڪن جي توسيعي پروگرام (EPI) کي وڌيڪ خبردار رهڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻارن کي ويڪسين ذريعي روڪجڻ وارين بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ مؤثر نموني ڪم ڪيو وڃي.هن لاڙڪاڻي ڊويزن جا پوليو بابت چارئي ماحولياتي نمونا ناڪاري اچڻ کي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته ان جو ڪريڊٽ سمورين لاڳاپيل ٽيمن جي محنت کي وڃي ٿو. هن چيو ته مهم جي روزاني نگراني ۽ هر شام جائزي وارا اجلاس انتهائي اهم آهن، جيئن مهم جي ڪارڪردگي ۽ اڳڀرائي جو روزانو جي بنياد تي جائزو وٺي سگهجي.ڪمشنر ماءُ جي کير پيارڻ واري مهم بابت پڻ عوام ۾ وڌيڪ آگاهي پيدا ڪرڻ تي زور ڀريو.اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عزيز احمد ٻڌايو ته سنڌ ۾ پوليو جو هڪ ڪيس سامهون آيو آهي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ پوليو جا 15 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.هن ٻڌايو ته ايندڙ مهم دوران هڪ کان 10 سالن تائين جي عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، ڇاڪاڻ ته پنجن سالن کان وڌيڪ عمر وارن ٻارن ۾ پوليو جا 6 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.ڊاڪٽر عزيز احمد ٻڌايو ته عمر جي حد وڌائڻ سبب هن مهم ۾ تقريباً 9 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو اڳوڻي هدف کان لڳ ڀڳ ٻيڻو آهي.هن وڌيڪ چيو ته صفائي ۽ صحت بابت آگاهي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻارن ۾ صابڻ پڻ بطور علامتي تحفو ورهايا ويندا. ڊاڪٽر عزيز احمد موجب لڏپلاڻ ڪندڙ آبادي سبب 13 يونين ڪائونسلن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. مهم لاءِ لاجسٽڪس، ويڪسين، ڪيپس ۽ ٻيو ضروري سامان ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي. هن چيو ته تعليم، روينيو، لوڪل گورنمينٽ ۽ پوليس سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جو سهڪار مهم جي ڪاميابي لاءِ انتهائي اهم آهي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل ابڙو چيو ته ضلعي ۾ پوليو مهم جي حوالي سان سموريون ضروري تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ٻڌايو ته اجلاس منعقد ڪيا ويا آهن، آگاهي سيمينار ۽ تربيتي سيشن ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته سمورن لاڳاپيل ادارن کي مهم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنرن پڻ وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجن ضلعن ۾ پوليو مهم جي انتظامن بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ صحت، پوليس ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.











