واشنگٽن -6 آگسٽ(اي پي پي )آمريڪي ڪمپني اسپيس ايڪس جي 4 هزار ڪلو وزني راڪيٽ جو چنڊ جي سطح سان ٽڪرائجڻ سائنسدانن لاءِ هڪ منفرد تحقيقي موقعو فراهم ڪيو آهي جيڪو مستقبل جي خلائي مشينن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. پنج منزل عمارت جي برابر فالڪن 9 راڪٽ جو خالي مٿانهون حصو 8،700 ڪلوميٽرز في ڪلاڪ جي رفتار سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ چنڊ جي سطح تي پهريان موجود آئن …
چار هزار ڪلو وزني راڪيٽ جي چنڊ جي سطح سان ٽڪرائجڻ سائنسدانن لاءِ منفرد تحقيقي موقعا فراهم ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
واشنگٽن -6 آگسٽ(اي پي پي )آمريڪي ڪمپني اسپيس ايڪس جي 4 هزار ڪلو وزني راڪيٽ جو چنڊ جي سطح سان ٽڪرائجڻ سائنسدانن لاءِ هڪ منفرد تحقيقي موقعو فراهم ڪيو آهي جيڪو مستقبل جي خلائي مشينن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. پنج منزل عمارت جي برابر فالڪن 9 راڪٽ جو خالي مٿانهون حصو 8،700 ڪلوميٽرز في ڪلاڪ جي رفتار سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ چنڊ جي سطح تي پهريان موجود آئن اسٽائن ڪريئيٽر ويجهو هڪ وڏو کڏو پئجي ويو آهي.آمريڪي ماهر راڪيٽ جي ان ٽڪر مان حاصل ٿيندڙ معلومات جو تجزيو ڪري رهيا آهن . ان جا مڪمل تفصيل معلوم ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن يا ڪجهه هفتا به لڳي سگهن ٿا. عرضيات جي ماهرن لاءِ به اهو غير متوقع ٽڪر هڪ سائنسي تحفو آهي. اسپيس ايڪس جو فالڪن 9 راڪٽ ٻيهر استعمال ٿيندڙ ماڊل آهي ۽ ان جي ڊزائن اهڙي طرح ٺاهي وئي آهي ته راڪٽ جو حصو زمين تي واپس اچي وڃي، جڏهن ته ٻيو حصو خلا ۾ الڳ ٿي ويندو آهي. راڪٽ گذريل سال جنوري ۾ فلوريڊا کان روانو ٿيو هو، جنهن ذريعي ٻه قمري لينڊر موڪليا ويا هئا . ان راڪٽ جو ڪم مٿانهين مرحلي کي ايتري طاقت سان اڳتي وڌائڻ هو ته ٻئي لينڊر زمين جي مدار کان نڪري چنڊ طرف سفر ڪري سگهن. ايندڙ 18 مهينن دوران زمين چنڊ ۽ سج جي هلڪي ڪشش ثقل سان گڏوگڏ سج جي روشني به ان کي معمولي ڌڪو ڏي. راڪٽ جي ان حصي تي نظر رکندڙ فلڪيات جي ماهرن آخرڪار معلوم ڪيو ته انهن ننڍن ننڍن ٽڪرن ان کي چنڊ طرف ويندڙ رستي طرف اڳتي وڌايو هو ۽ اهو هر ڏينهن جي رفتارحاصل ڪندو رهيو. راڪٽ جو چنڊ سان ٽڪرائجڻ جو واقعو اربع ڏينهن اٽڪل 11 لڳي 05 منٽن تي پيش آيو هو.











