آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه آمدني واپار ڪندڙن کي 100 ارب ڊالر ٽيرف ريفنڊ ادا ڪري ڇڏيو

واشنگٽن-06 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جولاءِ جي آخر تائين عالمي هنگامي اقتصادي اختيار ايڪٽ (آءِ اي اي پي اي ) تحت وصول ڪيل اٽڪل 100 ارب آمريڪي ڊالرن جو آمدني واپار ٽيرف جي مد ۾ آمريڪي آمدني واپار ڪندڙن کي واپس ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو انڪشاف عدالت ۾ جمع ڪرايل هڪ دستاويز ۾ ڪيو ويو آهي. آمريڪي ڪسٽمز اينڊ بارڊر پروٽيڪشن (سي …

واشنگٽن-06 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جولاءِ جي آخر تائين عالمي هنگامي اقتصادي اختيار ايڪٽ (آءِ اي اي پي اي ) تحت وصول ڪيل اٽڪل 100 ارب آمريڪي ڊالرن جو آمدني واپار ٽيرف جي مد ۾ آمريڪي آمدني واپار ڪندڙن کي واپس ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو انڪشاف عدالت ۾ جمع ڪرايل هڪ دستاويز ۾ ڪيو ويو آهي. آمريڪي ڪسٽمز اينڊ بارڊر پروٽيڪشن (سي بي پي) عدالت کي ٻڌايو ته 31 جولاءِ تائين اٽڪل 100 ارب ڊالرن جي رقم جي واپسي مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اصل ٽيرف کان علاوه ان تي واجب الادا وياج به شامل آهي. عدالتي دستاويزن مطابق  وڌيڪ 128.68 ارب ڊالرن جي ماليت جو امڪاني ۽ تصديق ٿيل ريفنڊ به ڪنسوليڊيٽد ايڊمنسٽريشن اينڊ پروسيسنگ آف انٽريز (سي اي پي اي ) نظام ذريعي پراسيس ڪيا پيو وڃي. رپورٽ مطابق ٽرمپ انتظاميه اٽڪل 11 مئي کان ٽيرف ريفنڊز جي ادائيگي شروع ڪئي. جڏهن آمريڪي سپريم ڪورٽ 20 فيبروري تي فيصلو ڏنو ته آءِ اي اي پي تحت صدرٽرمپ جي لاڳو ڪيل ٽيرف پاليسي آئين سان هڪجهڙائي نٿي رکي. ان کان اڳ يونيورسٽي آف پنسلوانيا جي وارٽن اسڪول جي پين وارٽن بجيٽ ماڊل اندازو لڳايو هو ته آمريڪي ڪمسٽز اينڊ بارڊر پروٽيڪشن کي مجموعي طور تي 175 ارب ڊالرن تائين جي اي آءِ اي پي اي ٽيرف ريفنڊز ادا ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.

مزید خبریں