لاڙڪاڻو - 05 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ 14 آگسٽ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو جي درٻار هال ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ موجود سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي 14 …
لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت ۾ 14 آگسٽ جي تقريبن جي سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 05 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ 14 آگسٽ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو جي درٻار هال ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ موجود سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي 14 آگسٽ يوم آزادي جي حوالي سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بهتر کان بهتر انتظام ڪيا وڃن. ان موقعي تي هن آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ته ميونسپل اسٽيڊيم ۾ بهتر انتظام ڪيا وڃن ۽ اس کان بچڻ لاءِ پنڊال لڳايو وڃي ۽ عوام جي پيئڻ لاءِ ٿڌي پاڻي جو انتظام پڻ ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته شهر جي اهم شاهراهن، چوڪن، پارڪن ۽ تقريبن وارن هنڌن تي صفائي سٿرائي جا غيرمعمولي انتظام يقيني بڻايا وڃن ۽ سرڪاري عمارتن جي خوبصورتي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن شهر عيد جهڙو منظر پيش ڪري.ان موقعي تي هن ميونسپل آفيسر لاڙڪاڻو کي هدايتون ڏيندي چيو ته هڪ ڪانٽيجنسي پلان پڻ جوڙيو ۽ اهو اسان کي ڏياري موڪليو. هن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته ايمرجنسي ۾ اسٽاف جون ڊيوٽي لڳايون وڃن ۽ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽرن جون پڻ ڊيوٽيون لڳايون وڃن ۽ رپورٽ پڻ موڪلي وڃي. ان موقعي تي هن رينجرز ۽ پوليس جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته 14 آگسٽ تي عوام جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پوليس جون ڊيوٽيون پڻ لڳايون وڃن ۽ فيمليز جي حفاظت کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ۽ نوجوانن کي موٽرسائيڪل جي ون ويلنگ ڪرڻ کان روڪيو وڃي. هن وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽيز ۾ پڻ صفائي سٿرائي سان گڏ لائيٽنگ ڪئي وڃي ۽ قومي جهنڊا پڻ لڳايا وڃن. هن اسپورٽس جي آفيسر کي هدايتون ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ يوم آزادي جي مناسبت سان راندين جا مقابلا پڻ ڪرايا وڃن. هن فاريسٽ آفيسر کي هدايتون ڏيندي چيو ته ٻوٽا پڻ لڳايا وڃن ۽ عام ماڻهن کي سستن اگهن تي ڏنا وڃن ته جيئن گهرن ۾ لڳائي سگهن. ڊپٽي ڪمشنر سڀني ادارن جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته ادارن جي آفيسن ۾ قومي جهنڊا لڳايا وڃن ۽ رات جي وقت لائيٽنگ جو پڻ انتظام ڪيو وڃي. گڏجاڻيءَ ۾ مڙني کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.











