حيدرآباد-05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ 5 آگسٽ يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ هڪ پُرجوش ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ريلي ۾ استادن، شاگردن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
حيدرآباد-05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ 5 آگسٽ يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ هڪ پُرجوش ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ريلي ۾ استادن، شاگردن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا لکيل هئا، ريلي کانپوءِ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ آڏو ٿيل مختصر تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته 5 آگسٽ 2019 ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ ڏکوئيندڙ ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني خصوصي حيثيت ختم ڪري هڪ طرفا قدم کنيا، جن کي ڪشميري عوام رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ان کانپوءِ والاريل واديءَ ۾ ڊگهيون پابنديون ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عالمي سطح تي ڳڻتي جو سبب بڻيون، هن چيو ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي بنيادي حقِ خوداراديت لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان هر سطح تي سندن اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکي آهي، اسٽوڊنٽس ٽيچرز اينگيجمينٽ پروگرام جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون تاريخ جو اهم باب آهن ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ بين الاقوامي قانون موجب ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻِي ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو امن، رواداري ۽ انساني وقار جي واڌاري لاءِ پنهنجي علمي ۽ فڪري صلاحيتن کي استعمال ڪن، تقريب جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امن، حقن ۽ ڀلائي لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي.











