يورپي يونين پاران 5 ارب يورو هدف  سان اسڪيل اپ يورپ فنڊ جي شروعات

برسلز - 05 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين 5 ارب يورو هدف سان اسڪيل اپ يورپ فنڊ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي ڪميشن اسڪيل اپ يورپ فنڊ جي قيام لاءِ سمورا قانوني مرحلا مڪمل ڪري ورتا آهن،  5 ارب يورو جو هدف رکندڙ ان فنڊ جو مقصد يورپ جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ڪمپنين کي سگهه ڏيڻ، کين عالمي سطح تي چٽاڀيٽي قابل بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري …

برسلز – 05 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين 5 ارب يورو هدف سان اسڪيل اپ يورپ فنڊ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي ڪميشن اسڪيل اپ يورپ فنڊ جي قيام لاءِ سمورا قانوني مرحلا مڪمل ڪري ورتا آهن،  5 ارب يورو جو هدف رکندڙ ان فنڊ جو مقصد يورپ جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ڪمپنين کي سگهه ڏيڻ، کين عالمي سطح تي چٽاڀيٽي قابل بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا فان ڊيرليئين چيو ته  هي فنڊ يورپي ڪمپنين کي گهربل سرمايو ۽ وسيلا يورپ  ۾ ئي فراهم ڪندو ته جيئن هو عالمي معيار جي ڪمپنين ۾ تبديل ٿي سگهن. قانوني دستاويزن جي منظوري کان پوءِ اسڪيل اپ يورپ فنڊ کي يورپي انوويشن ڪائونسل فنڊ تحت باضابطا طور قائم ڪيو ويو آهي. نجي ايڪويٽي فرم کي کليل ۽ چٽاڀيٽي عمل ذريعي سيڙپڪاري جو منتظم مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو مارڪيٽ جي اصولن موجب آزاداڻي طور سيڙپڪاري جا فيصلا ڪندو. فنڊ هاڻي مڪمل طور تي فعال ٿي ويو آهي ۽يورپ جي نمايان اسرندڙ ڪمپنين ۾ سڌيءَ ريت سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو.