حيدرآباد-5 آگسٽ(اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميا حيدرآباد پاران يوم استحصال ڪشمير5 آگسٽ جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ واڪ منعقد ڪئي وئي. واڪ ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس کان شروع ٿي، جنهن ۾ ضلعي آفيسرن، ريسڪيو 1122، صحت کاتي، اطلاعات کاتي، سماجي تنظيمن جي نمائندن، استادن، عورتن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن …
ضلعي انتظاميا حيدرآباد پاران يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ واڪ منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد-5 آگسٽ(اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميا حيدرآباد پاران يوم استحصال ڪشمير5 آگسٽ جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ واڪ منعقد ڪئي وئي. واڪ ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس کان شروع ٿي، جنهن ۾ ضلعي آفيسرن، ريسڪيو 1122، صحت کاتي، اطلاعات کاتي، سماجي تنظيمن جي نمائندن، استادن، عورتن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ ڪشمير جا جهنڊا کڻي ڪشميري عوام جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪشميري شهيدن ۽ مظلوم عوام کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جڏهن ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي، امن ۽ حق خوداراديت لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع اهو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪري ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ حق خوداراديت تي حملو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب پرامن طريقي سان حل ٿيڻ گهرجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو ۽ ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي حصول تائين سندن جائز جدوجهد سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندو.











