يوڪرين جي صدر آمريڪا ۾ مقرر پنهنجي سفير کي برطرف ڪري ڇڏيو

ڪيف- 04 آگسٽ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي آمريڪا ۾ مقرر يوڪرين جي سفير اولهااسٽيفانيشينا کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يوڪرين جو سفير اولهااسٽيفانيشينا گذريل سال کان پنهنجون خدمتون ڏئي رهيو هو. هن فيس بڪ تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن ذاتي سببن جي بنياد تي پاڻ پنهنجي ذميوارين تا هٿ کڻڻ جي درخواست ڪئي هئي. هن واشنگٽن ۾ پنهنجي سفارتي …

ڪيف- 04 آگسٽ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي آمريڪا ۾ مقرر يوڪرين جي سفير اولهااسٽيفانيشينا کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يوڪرين جو سفير اولهااسٽيفانيشينا گذريل سال کان پنهنجون خدمتون ڏئي رهيو هو. هن فيس بڪ تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن ذاتي سببن جي بنياد تي پاڻ پنهنجي ذميوارين تا هٿ کڻڻ جي درخواست ڪئي هئي. هن واشنگٽن ۾ پنهنجي سفارتي خدمتن کي پنهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو اعزاز قرار ڏنو. هن چيو ته اسان آمريڪي هٿيارن جي فراهمي ۾ واڌ يقيني بڻائي ۽ اهري وقت ۾ به آمريڪي حمايت برقرار رکي جڏهن واشنگٽن جو سياسي ماحول اسان جي حق ۾ نه هو. يوڪرين جو صدر اڃا تائين آمريڪا لاءِ نئون سفير مقرر ناهي ڪري سگهيو. اها تبديلي جولاءِ ۾ يوڪرين جي صدر پاران کنيل حڪومتي مٽاسٽا بعد سامهون آئي آهي.