آمريڪي صدر پاران ملڪي تيل ڪمپنين تي وڌيڪ پئسو ڪمائڻ جو الزام، عوام کي ڪجهه واپس ڪرڻ جو مشورو

واشنگٽن- 04 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تيل جي وڏين ڪمپنين تي موجوده حالتن ۾ وڌيڪ پئسو ٺاهڻ جو الزام لڳائيندي کين مشورو ڏنو آهي ته انهن پيسن مان ڪجهه عوام کي واپس ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائڻ دوران هن ايڪسون ۽ شيورون جو ذڪر ڪندي چيو ته مان اهڙين ڳالهين کي پسند نٿو ڪيان . ٽي ڏينهن اڳ ئي ڪمپنين جي …

واشنگٽن- 04 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تيل جي وڏين ڪمپنين تي موجوده حالتن ۾ وڌيڪ پئسو ٺاهڻ جو الزام لڳائيندي کين مشورو ڏنو آهي ته انهن پيسن مان ڪجهه عوام کي واپس ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائڻ دوران هن ايڪسون ۽ شيورون جو ذڪر ڪندي چيو ته مان اهڙين ڳالهين کي پسند نٿو ڪيان . ٽي ڏينهن اڳ ئي ڪمپنين جي ٻي ٽه ماهي جي منافعي جي حوالي سان رپورٽ سامهون آئي هئي جيڪا ڪافي بلند هئي جڏهن ته ٻئي پاسي ايران جنگ سبب تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر ٽرمپ مطابق شيورون ۽ ايسڪون موبل وڌيڪ پيسو ڪمائي رهيون آهن . ان بيان بعد ٻنهي ڪمپنين جو موقف معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر اتان کان ڪو جواب نه مليو . صدر ٽرمپ ان کان اڳ به عوامي دٻاءَ کي ڪارپوريٽ سيڪٽر خلاف هٿيار طور تي استعمال ڪندو رهيو آهي. هو عام طور تي سوشل ميڊيا صحافين سان ڳالهائڻ ذريعي سڌيءَ ريت ڪمپنين کي هدف بڻائي رهيو آهي. پنهنجي پهرين صدارتي دور ۾ هن گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنين تي دٻاءِ وڌو ته هو آمريڪا ۾ پيداوار جو سلسلو برقرار رکن، اهڙي طرح ڊفينس ڪانٽريڪٽرز جي خرچ تي به تنقيد جو نشانو بڻائي چڪو آهي جڏهن ته دوا ساز ڪمپنين تي قيمتون گهٽ ڪرڻ جو پڻ دٻاءُ وڌو.