منهنجي مقبوليت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، ڊونلد ٽرمپ سروي پولز جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

واشنگٽن- 04 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته سندس مقبوليت تاريخ جي بهترين ۽ بلند ترين سطح تي آهي. هن ان سموري تازو ٿيل عوامي راءِ جي جائزن (سروي پولز جي نتيجن) کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سندس عوامي مقبوليت ۾ گهٽتائي ڏيکاري وئي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن انهن نتيجن کي هٿ ٺوڪيا ۽ ڪوڙي …

واشنگٽن- 04 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته سندس مقبوليت تاريخ جي بهترين ۽ بلند ترين سطح تي آهي. هن ان سموري تازو ٿيل عوامي راءِ جي جائزن (سروي پولز جي نتيجن) کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سندس عوامي مقبوليت ۾ گهٽتائي ڏيکاري وئي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن انهن نتيجن کي هٿ ٺوڪيا ۽ ڪوڙي ميڊيا جو داستان قرار ڏنو. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ذريعي هن لکيو آهي ته واقعي به سندس عوامي مقبوليت جا انگ اکر هيستائين بلند ترين سطح تي آهن. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي مقبوليت جو سبب پنهنجي حڪومت جي اهم ڪاميابين کي قرار ڏنو، جنهن ۾ ٽيڪسن ۾ وڏيون رعايتون، روزگار جي تاريخي سطح، آمريڪا ۾ غير معمولي پرڏيهي سيڙپڪاري، سرحدن جي سخت نگراني سان گڏوگڏ وينزويلا ۾ وڏي فتح ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام جي خاتمي جهڙا قدم شامل آهن. ان سان گڏ ئي هن ووٽرز تي زور ڀريو ته هو ايندڙ مڊٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي کي ووٽ ڏين. ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو بيان هڪ اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن قومي پولز سندس مقبوليت ۾ واضع گهٽتائي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. تازو پولز جي سراسري مطابق سندس ڪارڪردگي سان اتفاق ڪندڙن جي شرح 40 سيڪڙو کان گهٽجي وئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ماضي جي چونڊن جو حوالو ڏيندي مسلسل انهن پولز جي درستگي تي سوال اٿاريا آهن ۽ سندس موقف آهي ته اها سروي واقعي نه سندس حمايت جو درست اندازو لڳائڻ ۾ هميشه ناڪام رهي آهي.