حيدرآباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس حيدرآباد پاران 20 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ايندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، صحت کاتي جي آفيسرن، ڊسٽرڪٽ هيلٿ ٽيم ۽ ضلعي جي ٻارن جي ماهر ڊاڪٽرن (پيڊياٽريشنز) شرڪت ڪئي.سيشن دوران 20 کان 30 آگسٽ 2026ع تائين هلندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم، معمول …
ضلعي هيلٿ آفيس حيدرآباد پاران 20 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم بابت آگاهي سيشن منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس حيدرآباد پاران 20 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ايندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، صحت کاتي جي آفيسرن، ڊسٽرڪٽ هيلٿ ٽيم ۽ ضلعي جي ٻارن جي ماهر ڊاڪٽرن (پيڊياٽريشنز) شرڪت ڪئي.سيشن دوران 20 کان 30 آگسٽ 2026ع تائين هلندڙ پوليو بوسٽر ڊوز مهم، معمول جي حفاظتي ٽڪن، پوليو وائرس جي نگراني ۽ عوامي آگاهي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ضلعي جي 70 يونين ڪائونسلن ۾ 300 کان وڌيڪ ٽيمون مهم ۾ حصو وٺنديون، جڏهن ته 4 مهينن کان 10 سالن جي عمر تائين جي لڳ ڀڳ 2 لک 50 هزار ٻارن کي پوليو بوسٽر ڊوز ڏنا ويندا. شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو ته بوسٽر ڊوز جديد نيڊل ليس جيٽ انجڪٽر ذريعي ڏنا ويندا، جنهن ۾ روايتي سرنج استعمال نه ڪئي ويندي.ان موقعي تي ڊينگي کان بچاءَ لاءِ گهرن کي صاف سٿرو رکڻ، ڪٿي به پاڻي نه بيهڻ، معمول جا حفاظتي ٽڪا جاري رکڻ ۽ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي پڻ روشني وڌي وئي. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين چيو ته حيدرآباد ۾ پوليو جي ماحولياتي نمونن جا منفي نتيجا صحت کاتي جي مسلسل ڪوششن جو ثمر آهن، پر پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ والدين، طبي ماهرن ۽ سماج جي سڀني طبقن جو سهڪار انتهائي ضروري آهي. هن ٻارن جي ڊاڪٽرن تي زور ڀريو ته هو والدين ۾ پوليو بوسٽر ڊوز بابت آگاهي پيدا ڪن ۽ کين مهم ۾ ڀرپور تعاون ڪرڻ لاءِ راضي ڪن، جيئن ڪو به اهل ٻار حفاظتي ڊوز کان محروم نه رهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته 20 کان 30 آگسٽ تائين جاري مهم دوران پنهنجي 4 مهينن کان 10 سالن جي عمر وارن سڀني ٻارن کي لازمي طور پوليو بوسٽر ڊوز ڏيارين ۽ وڌيڪ معلومات يا رهنمائي لاءِ پوليو هيلپ لائين 1166 تي رابطو ڪن.











