واشنگٽن- 03 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي رياست واشنگٽن جي اوڀر وارن علائقن ۾ ٻيلي ۾ لڳل باهه تي ضابطو ناهي آندو ويو، جنهن سبب اٽڪل 5 هزار گهرن کي خالي ڪرايو ويو آهي جڏهن ته 600 گهر، ڪاروباري مرڪز ۽ ٻيون عمارتون تباهه ٿي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياست جي ٻئين وڏي شهر اسپوڪين ۽ ان جي پسگردائي ۾ لڳل باهه اٽڪل 21 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي تائين …
آمريڪي رياست واشنگٽن ۾ ٻيلي ۾ لڳل باهه ضابطي مان نڪري وئي، 5 هزار گهر خالي، 600 عمارتون تباهه

مزید خبریں
واشنگٽن- 03 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي رياست واشنگٽن جي اوڀر وارن علائقن ۾ ٻيلي ۾ لڳل باهه تي ضابطو ناهي آندو ويو، جنهن سبب اٽڪل 5 هزار گهرن کي خالي ڪرايو ويو آهي جڏهن ته 600 گهر، ڪاروباري مرڪز ۽ ٻيون عمارتون تباهه ٿي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياست جي ٻئين وڏي شهر اسپوڪين ۽ ان جي پسگردائي ۾ لڳل باهه اٽڪل 21 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي تائين پکڙجي وئي آهي. اها باهه اولهه آمريڪا ۾ لڳل ڪيترن ئي ٻيلن جي باهه جو حصو آهي، جنهن وفاقي، رياستي ۽ مقامي ادارن جي باهه وسائڻ جي صلاحيت کي شديد دٻاءُ ۾ وجهي ڇڏيو آهي.باهه وسائڻ جي جاري ڪاررواين باوجود اها باهه اٽڪل 1360 چورس اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.











