نئين دهلي- 03 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي رياست ڪيراله ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيرالا جي وڏي وزير وي ڊي سٿهيسان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن رياست ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ 11 ٿي ويو آهي جڏهن ته 7700 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري 275 امدادي …
ڀارتي رياست ڪيراله ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 11 ڄڻا اجل جو شڪار، هزارين بي گهر

مزید خبریں
نئين دهلي- 03 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي رياست ڪيراله ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيرالا جي وڏي وزير وي ڊي سٿهيسان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن رياست ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ 11 ٿي ويو آهي جڏهن ته 7700 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري 275 امدادي ڪيمپن ۾ رکيو ويو آهي. شديد برساتن سبب رياست ۾ ڪيترائي اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي رياست ڪرناٽڪ ۾ شديد برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب زال مڙس ۽ سندن هڪ پٽ فوت ٿي ويو آهي.











