رياض جي الصفات اسڪوائر جون تصويرون جاري، بگ بين جو ذڪر به شامل

رياض- 03 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي رياض ريجن جي ميونساپلٽي الصفات اسڪوائر جون ناياب تاريخي تصويرون جاري ڪيون آهن جيڪي ان هنڌ جي روزانو واري زندگي جي جهلڪ پيش ڪن ٿيون جيڪو ڪنهن وقت گادي واري شهر جي دل جي ڌڙڪن هوندو هو، اهي تصويرون ان مشهور ڪلاڪ کي خراج تحسين پيش ڪن ٿيون جنهن کي مقامي ٻولي ۾ ”رياض جو بگ بين“ چيو ويندو هو. پرڏيهي …

رياض- 03 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي رياض ريجن جي ميونساپلٽي الصفات اسڪوائر جون ناياب تاريخي تصويرون جاري ڪيون آهن جيڪي ان هنڌ جي روزانو واري زندگي جي جهلڪ پيش ڪن ٿيون جيڪو ڪنهن وقت گادي واري شهر جي دل جي ڌڙڪن هوندو هو، اهي تصويرون ان مشهور ڪلاڪ کي خراج تحسين پيش ڪن ٿيون جنهن کي مقامي ٻولي ۾ ”رياض جو بگ بين“ چيو ويندو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميونسپالٽي ايڪس تي ٻڌايو ته الصفات اسڪوائر شهر جي مرڪز ۾ واقع هو جنهن جي ويجهو قصر العدل (پيلس آف جسٽس)، جامع مسجد ۽ وڏيون مارڪيٽون موجود هيون، چوڪ تي هجڻ سبب ان کي هڪ اهم عوامي اسڪوائر جي حيثيت سان شروعاتي شهرت حاصل ٿي ۽ وقت سان گڏو گڏ اهو رياض جي قديم بازارن جي سڃاڻپ بڻجي ويو. بازار کان علاوه الصفات اسڪوائر اهڙو هنڌ به هو جتي رياض جا ماڻهو خوشي جي موقعي تي گڏ ٿيندا ۽ پنهنجي روزانو جي زندگي جون ڳالهيون شيئر ڪندا جنهن سبب اهو هنڌ ان شهر ۽ ان جي رهواسين لاءِ اجتماعي يادگار طور محفوظ ٿي وئي. 1966ع ۾ ان اسڪوائر کي هڪ نئين سڃاڻپ ملي جيڪو الصفات ڪلاڪ هو، اهو سڄي سعودي عرب ۽ نار ۾ ڳالهائڻ وارو پهريون گهڙيال هو جيڪو 4 لائوڊ اسپيڪرز سان گڏ لڳايو ويو هو جنهن جو آواز اٽڪل ٻن ڪلوميٽرن تائين ويندو هو، ڪجهه ئي وقت ۾ اهو رياض جو سڀ کان وڌيڪ مشهور هنڌ بڻجي ويو. ميونسپالٽي جو چوڻ هو ته اهو اسڪوائر شهر جي تاريخ ۽ ان جي ترقي جو گواهه آهي، اهو ماضي ۽ حال وچ ۾ هڪ پل جي حيثيت رکي ٿو ۽ اها اهڙي جاءِ آهي جيڪا رياض جي يادداشت ۾ هميشه ياد رهندي.