خودمختيار ويلٿ فنڊز لاءِ واضح قانون سازي ضروري آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) خودمختيار ويلٿ فنڊز لاءِ واضح قانون سازي ضروري آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي هڪ بلاگ ۾ چيو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جا خودمختيار ويلٿ فنڊ عالمي ماليات جي شعبي ۾ انتهائي اهم حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن، انهن جي اثاثن جو مجموعي ڳاڻيٽو 16 ٽريلين ڊالر تائين وڌي چڪو آهي جڏهن ته 2008ع ۾ خودمختيار ويلٿ فنڊز جي …

اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) خودمختيار ويلٿ فنڊز لاءِ واضح قانون سازي ضروري آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي هڪ بلاگ ۾ چيو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جا خودمختيار ويلٿ فنڊ عالمي ماليات جي شعبي ۾ انتهائي اهم حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن، انهن جي اثاثن جو مجموعي ڳاڻيٽو 16 ٽريلين ڊالر تائين وڌي چڪو آهي جڏهن ته 2008ع ۾ خودمختيار ويلٿ فنڊز جي اثاثن جي ماليت 3 ٽريلين ڊالر هئي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته خودمختيار ويلٿ فنڊز پبلڪ هيلٿ ۾ بهتري ۽ ترقي سان گڏو گڏ ايندڙ نسلن لاءِ به اهميت اختيار ڪري چڪا آهن. ويلٿ فنڊز جي ڳاڻيٽي ۾ مسلسل اضافي سبب انهن جو ڪردار حڪومتي بجيٽس کان عالمي بچتن ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي سان گڏو گڏ سماجي ۽ صنعتي شعبن تائين وڌي چڪو آهي. تيزي سان تبديل ٿيندڙ جيو پوليٽيڪل صورتحال کي نظر ۾ رکندي خودمختيار ويلٿ فنڊز کي وڌيڪ لچڪ دار بڻائڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته ويلٿ فنڊز جي حوالي سان جامع قانون سازي ذريعي ڪو به ملڪ پنهنجي دولت کي محفوظ ڪرڻ سان گڏو گڏ قومي ۽ اقتصادي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف مطابق ويلٿ فنڊز جي حوالي سان موجود قانونن ۾ خاميون ۽ احتساب جي عدم موجودگي سبب انهن جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي.