آمريڪا ۾ ريسٽورنٽ ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي

اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي رياست ايڊاهو جي شهر ٽوئن فالز ۾ واقع ان آئوٽ نالي ريسٽورنٽ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مارجي ويلن ۾ حملو ڪندڙ به شامل آهي. مقامي پوليس چيف ٻڌايو ته هن وقت تائين حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ناهي ٿي …

اسلام آباد- 02 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي رياست ايڊاهو جي شهر ٽوئن فالز ۾ واقع ان آئوٽ نالي ريسٽورنٽ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مارجي ويلن ۾ حملو ڪندڙ به شامل آهي. مقامي پوليس چيف ٻڌايو ته هن وقت تائين حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي جڏهن ته ان بابت وڌيڪ معلومات لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. رپورٽ مطابق فائرنگ جو اهو واقعو هڪ مصروف شاپنگ ايريا ۾ واقع فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ ۾ پيش آيو ۽ واقعي وقت اتي وڏي تعداد ۾ ماڻهو موجود هئا.