اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ورلڊ وائڊ ويب جو عالمي ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن (پهرين آگسٽ) تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي موجوده دور ۾ ورلڊ وائڊ ويب جي اهميت جي حوالي کان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. واضح رهي ته ورلڊ وائڊ ويب انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ صارفين کي سڄي دنيا …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ورلڊ وائڊ ويب جو عالمي ڏينهن ڇنڇر ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ورلڊ وائڊ ويب جو عالمي ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن (پهرين آگسٽ) تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي موجوده دور ۾ ورلڊ وائڊ ويب جي اهميت جي حوالي کان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. واضح رهي ته ورلڊ وائڊ ويب انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ صارفين کي سڄي دنيا جي ڄاڻ هڪ ڪلڪ تي موجود هوندي آهي. ورلڊ وائڊ ويب جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مختلف ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون.











