سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران ايم اين اي ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس پارلياماني، سياسي ۽ عوامي خدمتن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي سان ملڪ هڪ مخلص ۽ عوام …

اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس پارلياماني، سياسي ۽ عوامي خدمتن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪرٽريٽ طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ محمد اقبال چنڙ جي لاڏاڻي سان ملڪ هڪ مخلص ۽ عوام تي ٻڌل عوامي نمائندي کان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته مرحوم پارلياماني جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پنهنجي پوري سياسي ۽ پارلياماني ڪيرئير ۾ عوام جي خدمت لاءِ پرعزم رهيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسيپڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ سان سندس والد جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ۽ گهرڀاتين سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو. هن مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي يڪجهتي جو يقين ڏياريو. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي روح کي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ صبر