واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جو ڊجيٽل دور جي گهرجن موجب گورننس ۾ سڌارن ۽ نئين سر جوڙجڪ تي زور

اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته گورننس ۾ سڌارن ۽ نئين سر جوڙجڪ ئي اڳيان وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ ڊجيٽل رفتار جي هن نئين دور ۾ ان جي ضرورت اڳ کان وڌي وئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ واپار واري وزير چيو ته گورننس ماڊل ۾ سڌارن ۽ نئين …

اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته گورننس ۾ سڌارن ۽ نئين سر جوڙجڪ ئي اڳيان وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ ڊجيٽل رفتار جي هن نئين دور ۾ ان جي ضرورت اڳ کان وڌي وئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ واپار واري وزير چيو ته گورننس ماڊل ۾ سڌارن ۽ نئين سر جوڙجڪ ئي اڳيان وڌڻ جو واحد رستو آهي. ڄام ڪمال خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اداره جاتي سڌارن، نئين سر جوڙجڪ ۽ عوامي خدمتن جي اثرائتي نظام کانسواءِ اثرائتي حڪمراني ممڪن نه آهي. خاص ڪري اهڙي دور ۾ جتي ڊجيٽل تبديليون نوان لاڙا سامهون آڻي رهيون آهن.