خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اقبال چنڙ جي وفات تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنجاب اسيمبلي جي ڊبٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال جي والد سينيئر سياستدان، قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اقبال چنڙ جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر تي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ گورنر مرحوم جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ اقبال چنڙ عوام خدمتن جي …

اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پنجاب اسيمبلي جي ڊبٽي اسپيڪر ملڪ ظهير اقبال جي والد سينيئر سياستدان، قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ اقبال چنڙ جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر تي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ گورنر مرحوم جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ اقبال چنڙ عوام خدمتن جي ميدان ۾ ڀرپور خد،تون انجام ڏنيون، جن کي هميشا ياد رکيو ويندو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ ظهير اقبال چنڙ، ڏکويل ڪٽنب ۽ سمورن پوئنرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي الله کان مرحوم جي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.