لاڙڪاڻو- 01 آگسٽ (اي پي پي)حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي آفيس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ٿي. گڏجاڻي جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيما ڪئي. گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور عارفا بتول راءِ، پوليس عملدارن، اطلاعات، لوڪل گورنمينٽ، سيپڪو، صحت، پبلڪ هيلٿ سميت مختلف کاتن جي عملدارن ۽ مختلف فرقن سان واسطو رکندڙ …
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي هدايت تي حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چھلم جي انتظامن بابت گڏجاڻي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 01 آگسٽ (اي پي پي)حضرت امام حسين عليه السلام سميت ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي آفيس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ٿي. گڏجاڻي جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيما ڪئي. گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور عارفا بتول راءِ، پوليس عملدارن، اطلاعات، لوڪل گورنمينٽ، سيپڪو، صحت، پبلڪ هيلٿ سميت مختلف کاتن جي عملدارن ۽ مختلف فرقن سان واسطو رکندڙ عالمن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيما ڳالهائيندي چيو ته چھلم دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرايو ويندو، جڏهن ته ان دوران صفائي سٿرائي جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي. ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته جلوسن ۽ مجلسن کي پوليس ۽ رينجرز جي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته چھلم امام حسين عليه السلام دوران ٽريفڪ جو بهترين نظام ترتيب ڏنو وڃي، جلوسن وارن روڊن، مجلسن وارين جڳهن ۽ امام بارگاهن سان لڳ ڊرينيج ڪراسنگ جي مرمت ڪئي وڃي ۽ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.











