جسٽس شاهد ڪريم 19آگسٽ تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو

لاهور-01 آگسٽ(اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جج جسٽس شاهد ڪريم 19 آگسٽ تي 62 سالن جي آئيني مدو مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو. جسٽس شاهد ڪريم 7 نومبر 2014 تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو هو، هو سينيارٽي لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي. جسٽس شاهد ڪريم گذريل ڪيترن ئي سالن کان سموگ ۽ ماحولياتي گدلاڻ بابت اهم ڪيسن جي ٻڌڻي …

لاهور-01 آگسٽ(اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جج جسٽس شاهد ڪريم 19 آگسٽ تي 62 سالن جي آئيني مدو مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو. جسٽس شاهد ڪريم 7 نومبر 2014 تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو هو، هو سينيارٽي لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي. جسٽس شاهد ڪريم گذريل ڪيترن ئي سالن کان سموگ ۽ ماحولياتي گدلاڻ بابت اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي، جنهن دوران هن ڪيترائي اهم عدالتي حڪم پڻ جاري ڪيا آهن. سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي خالي آسامين جو تعداد وڌي 21 ٿي ويندو.