گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم جي برطانوي پرڏيهي وزير سان ملاقات، ٻه طرفه سهڪار ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

ابوظهبي – 01 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان لنڊن ۾ برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊملي بينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل عرب امارات ۽ برطانيا وچ ۾ ٻه طرفا سهڪار بابت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي …

ابوظهبي – 01 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان لنڊن ۾ برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊملي بينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل عرب امارات ۽ برطانيا وچ ۾ ٻه طرفا سهڪار بابت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي ترقياتي ترجيحن کي اڳتي وڌائي سگهجي. ملاقات جي شروعات ۾ شيخ عبدالله بن زايد ايڊملي بينڊ کي برطانيا جي پرڏيهي وزير جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. شيخ عبدالله بن زايد گڏيل عرب امارات ۽ برطانيا وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال، خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ امن، سلامتي ۽ پائيدار استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن کي اثرائتو بڻائڻ جي طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.