غزه مان هٿيارن جي خاتمي جو معاهدو، سعودي عرب پاران آمريڪي صدر جي اعلان جي آجيان

رياض – 01 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب غزه ۾ هٿيارن جي خاتمي جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي آجيان ڪندي ان کي اهم ۽ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب، مصر، قطر، ترڪي ۽ آمريڪا، سلامتي ڪائونسل ۽ ان ججي سمورن شراڪتدارن جي ڪوششن کي به قدر جي نظر سان …

رياض – 01 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب غزه ۾ هٿيارن جي خاتمي جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي آجيان ڪندي ان کي اهم ۽ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب، مصر، قطر، ترڪي ۽ آمريڪا، سلامتي ڪائونسل ۽ ان ججي سمورن شراڪتدارن جي ڪوششن کي به قدر جي نظر سان ڏسي ٿو، جن جي مسلسل سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ اها اڳڀرائي ممڪن ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مملڪت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ نمبر 2803 تحت منظور ڪيل جامع امن منصوبي تي مڪمل عمل جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي، ان سلسلي ۾ علائقائي ۽ عالمي شراڪتدارن سان رابطو جاري رهندو. بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته معاهدي جي سمورن مرحلن تي طئي ٿيل ٽائم فريم ورڪ مطابق قابل اعتماد، حتمي ۽ ناقابل واپسي انداز ۾ عمل ضروري آهي. سعودي پرڏيهي وزارت غزه مان اسرائيلي فوج جي مڪمل واپسي، عالمي استحڪام فورس جي مقرري، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ فلسطيني عوام لاءِ نئين سر تعمير جي سرگرمين تي به زور ڀريو.