سنڌ جي وڏي وزير پاران ٿرپارڪر ۾ وِڄ ڪِرڻ سبب 3 قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٽن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وڏي وزير فوتين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.وڏي وزير …

ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٽن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وڏي وزير فوتين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.وڏي وزير انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيل پنجن ڄڻن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ سندن علاج ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل اختيارين کان ٿرپارڪر جي متاثر علائقن بابت فوري رپورٽ طلب ڪندي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ انتظاميا فوري طور متاثر علائقن ۾ پهچي امدادي قدم کڻي.

مزید خبریں