حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو 283هين ساليانو عرس مبارڪ پڄاڻي تي پهتو، سنڌ جي وڏي وزير جي مزار تي حاضري

ڀٽ شاهه-31 جولاءِ(اي پي پي ) سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جُون ٽن ڏينهن واريون تقريبن پڄاڻي تي پهتيُون، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن ڀٽ شاهه پهچي پُڄاڻي وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي، چادر چاڙهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ …

ڀٽ شاهه-31 جولاءِ(اي پي پي ) سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جُون ٽن ڏينهن واريون تقريبن پڄاڻي تي پهتيُون، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن ڀٽ شاهه پهچي پُڄاڻي وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي، چادر چاڙهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا گهري.ان کان اڳ وڏي وزير مزار جي احاطي ۾ شاهه جو راڳ ٻڌو، وزيٽرز بڪ ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا ۽ مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا.ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، صوبائي وزير محبوب الزمان، صوبائي اسيمبلي ميمبر قاسم سراج سومرو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري دانش ذاڪر، ايس ايس پي مٽياري  ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي عرس ۾ شرڪت سندس لاءِ وڏي سعادت جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، جتان هميشه محبت، ڀائيچاري، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام مليو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ پنهنجي شاعري ذريعي امن، ڀائيچاري ۽ اعليٰ انساني قدرن کي هٿي ڏني ۽ سندن پيغام اڄ به سڄي انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهي. وڏي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ ۾ هميشه امن، ڀائيچارو، قومي يڪجهتي ۽ خوشحالي قائم رکي ۽ سڀني انسانن کي محبت، احترام ۽ گڏيل هم آهنگي سان زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي.ڪشمير بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ڪشمير جي مسئلي تي ڪشميري عوام جو نمائنده آواز رهي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي صدر آصف علي زرداري ۽ موجوده قيادت تائين پارٽي هر قومي ۽ عالمي فورم تي ڪشمير جو ڪيس مؤثر نموني پيش ڪيو آهي ۽ ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي اصولي حمايت جاري رکي آهي.آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊن بابت وڏي وزير چيو ته 2 ۽ 10 آگسٽ تي ٿيندڙ چونڊ مرحلا مڪمل طور شفاف، آزاد ۽ منصفاڻا هئڻ گهرجن. هن اليڪشن ڪميشن ۽ لاڳاپيل انتظاميا تي زور ڀريو ته ڪشميري عوام کي بنا ڪنهن خوف ۽ دٻاءَ جي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو مڪمل ۽ برابر موقعو فراهم ڪيو وڃي. نوجوانن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل ۽ قيمتي سرمايو آهن، تنهن ڪري سندن همٿ افزائي، تعليم، تربيت ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته نوجوانن لاءِ غير مناسب لفظن جو استعمال ڪنهن به صورت مناسب ناهي.