لاڙڪاڻو-30 جولاءِ (اي پي پي)لاڙڪاڻي شهر جي سچل ڪالوني جو رهواسي نوجوان غلام قادر پٽ ڪرم علي ميمڻ گذريل ڏينهن چانڊڪا پل واري علائقي رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو، اهڙو اطلاع ريسڪيو ٽيم کي ڏنو ويو، ريسڪيو ٽيم پهچي نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي جڏهن ته 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ريسڪيو ٽيم لاش جي ڳولا نه ڪري سگهي آهي. ٻئي طرف 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد ٻڏي ويل نوجوان جي …
لاڙڪاڻو سچل ڪالوني جو رهواسي نوجوان چانڊڪا پل واري علائقي ۾ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-30 جولاءِ (اي پي پي)لاڙڪاڻي شهر جي سچل ڪالوني جو رهواسي نوجوان غلام قادر پٽ ڪرم علي ميمڻ گذريل ڏينهن چانڊڪا پل واري علائقي رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو، اهڙو اطلاع ريسڪيو ٽيم کي ڏنو ويو، ريسڪيو ٽيم پهچي نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي جڏهن ته 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ريسڪيو ٽيم لاش جي ڳولا نه ڪري سگهي آهي. ٻئي طرف 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد ٻڏي ويل نوجوان جي وارثن پاڻ رائيس ڪئنال ۾ لهي نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي جن طرفان نوجوان جو لاش بازيگر پل وٽان هٿ ڪيو ويو. ان حوالي سان ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته غلام قادر گذريل ڏينهن رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو، 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ريسڪيو ٽيم لاش هٿ نه ڪري سگهي جنهن ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت رائيس ڪئنال ۾ لهي نوجوان جو لاش رائيس ڪئنال مان هٿ ڪري ورتو آهي.











