سنڌ تاريخ ۾ ڪيترن ئي ڏکين حالتن ۽ حملن کي منهن ڏنو آهي، پر سدائين امن، رواداري ۽ محبت جو درس ڏنو آهي: ثقافت ۽ سياحت وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه

ڀٽ شاهه- 30 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو فڪر امن، محبت، رواداري ۽ انسانيت جو آفاقي پيغام آهي، جنهن کي نئين نسل تائين پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.لطيف ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مهمانن کي دل …

ڀٽ شاهه- 30 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو فڪر امن، محبت، رواداري ۽ انسانيت جو آفاقي پيغام آهي، جنهن کي نئين نسل تائين پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.لطيف ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ مهمانن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪيان ٿو. هن چيو ته خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي به تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، پر خراب موسم سبب هو اچي نه سگهيو. صوبائي وزير چيو ته جڏهن ملڪ جي مختلف علائقن جا ماڻهو ڀٽ شاهه اچي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي فڪر ۽ پيغام کي سمجهندا ته سماج ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته سنڌ تاريخ ۾ ڪيترن ئي ڏکين حالتن ۽ حملن کي منهن ڏنو آهي، پر سنڌ هميشه امن، رواداري ۽ محبت جو درس ڏنو آهي ۽ ڪڏهن به نفرت جي واٽ اختيار نه ڪئي آهي.سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته سنڌ واسين جي ٻولي محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جي ٻولي آهي، جڏهن ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ پنهنجي شاعري وسيلي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، انسانيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جو پيغام ڏنو.هن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن تي زور ڀريو ته هو نوجوان نسل کي شاهه لطيف جي فڪر، شاعري ۽ فلسفي کان وڌيڪ روشناس ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته نوجوانن کي لطيف سرڪار جو رسالو پڙهائڻ ۽ سندس پيغام سمجهائڻ جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته نوجوان ئي شاهه سائين جي فڪر ۽ محبت جي پيغام کي ايندڙ نسلن تائين مؤثر نموني پهچائي سگهن ٿا.