ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اهتمام هيٺ ايڇ ٽي سورلي هال ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس منعقد، سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن، محققن ۽ دانشورن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

ڀٽ شاهه- 30 جولاءِ (اي پي پي) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن جي تقريبن جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اهتمام هيٺ ايڇ ٽي سورلي هال ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.تقريب ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪانفرنس جي صدارت نامياري عالم …

ڀٽ شاهه- 30 جولاءِ (اي پي پي) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن جي تقريبن جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اهتمام هيٺ ايڇ ٽي سورلي هال ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.تقريب ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪانفرنس جي صدارت نامياري عالم ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي. ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن، محققن ۽ دانشورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ مدد علي سنڌي، تاج جويو، سليمان شيخ، رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر شير مهراڻي، مخمور بخاري، استاد لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي اهلِ قلم شامل هئا.ان موقعي تي نامياري اديبه پروين موسيٰ ميمڻ سميت ڪيترن ئي اديبن جي نون ڪتابن جي مهورَت پڻ ڪئي وئي. تقريب دوران نامياري اسڪالرن ۽ محققن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي فڪر، شاعري، شخصيت ۽ انسان دوست پيغام تي ٻڌل پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات امن، محبت، رواداري ۽ انسانيت جو لازوال پيغام آهي، جيڪا اڄ به سماج لاءِ رهنمائي جو سرچشمو آهي.حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي مختلف ادبي، ثقافتي ۽ روحاني تقريبن ذريعي عظيم صوفي شاعر کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.