پشاور- 30 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جو نوٽيس وٺندي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي آءِ جي پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. وزيراعلي هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير حملي ۾ شهيد ٿي ويل ڊي ايس پي ۽ پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن ڪٽنبن سان …
خيبرپختونخواه جي وڏي وزير پاران هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
پشاور- 30 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جو نوٽيس وٺندي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي آءِ جي پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. وزيراعلي هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير حملي ۾ شهيد ٿي ويل ڊي ايس پي ۽ پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. وڏي وزير حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته امن جو قيام اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ پوليس فورس جون قربانيون ضايع نه وينديون ۽ دهشتگردن کي انهن جي انجام تائين پهچايو ويندو.











