ڪانگو ۾ ايبولا وبا ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وئي، گڏيل قومن پاران هنگامي قدم تيز ڪرڻ جو مطالبو

گڏيل قومون-30 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل قومن جي اعليٰ اختيارين عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته جمهوريه ڪانگو ( ڊي آر سي ) ۾ پکڙيل ايبولا وبا خلاف امدادي ڪاررواين ۾ وڏي پيماني تي اضافو ڪيو وڃي ڇو ته بيماري جي پکيڙ موجوده ردعمل جي رفتار کان وڌيڪ تيز ٿي چڪي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سينيئر ايبولا ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ۽ خوراڪ بابت عالمي اداري (ڊبليو …

گڏيل قومون-30 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل قومن جي اعليٰ اختيارين عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته جمهوريه ڪانگو ( ڊي آر سي ) ۾ پکڙيل ايبولا وبا خلاف امدادي ڪاررواين ۾ وڏي پيماني تي اضافو ڪيو وڃي ڇو ته بيماري جي پکيڙ موجوده ردعمل جي رفتار کان وڌيڪ تيز ٿي چڪي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سينيئر ايبولا ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ۽ خوراڪ بابت عالمي اداري (ڊبليو ايف پي) جي وقتي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪارل اسڪا جمهوريه ڪانگو جي صوبي اتوري جي گادي واري هنڌ بنيا مان آن لائن بريفنگ ۾ اها اپيل ڪئي آهي. جولين هارنيس چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪانگو ۾ ايبولا سبب 50 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته متاثرن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڪيس هر 20 ڏينهن ۾ ٻيڻا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته وبا جي پکيڙ ۽ امدادي ڪوششن وچ ۾ فرق وڌي رهيو آهي. ڪارل اسڪا چيو ته جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا جي موجوده وبا هيستائين جي سڀ کان تيزي سان پکڙجندڙ بحران مان هڪ آهي. هن چيو ته گذريل ٻن مهينن ۾ ڪانگو ۾ هڪ هزار شهري فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته اولهه آفريقا ۾ هڪ هزار فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته اولهه آفريقا ۾ هڪ هزار فوتگيون 8 مهينن ۾ ٿيون هيون. گڏيل قومن جي اختيارين ايبولا کي منهن ڏيڻ لاءِ امدادي سرگرمين ۾ وڏي پيماني تي اضافي، وڌيڪ فنڊن، طبي سامان، ماهر ٽيمن ۽ متاثر علائقن تائين پهنچ کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪارل اسڪائ موجب اوڀر پاسي جاري تڪرار کان پوءِ هڪ ڪروڙ ماڻهو کاڌ خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار آهن. ايبولا جو مرڪز بڻجندڙ اتوري به سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ شامل آهي ، اتي 20 لک ماڻهن کي غذائي امداد جي ضرورت آهي. هارنيس ميمبر ملڪن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجون سرحدون کليل رکن ته جيئن ايبولا کي منهن ڏيڻ واريون ٽيمون متاثر ملڪ تائين پهچي سگهن. امدادي سامان تيزي سان منتقل ڪري سگهجي ۽ لاڳاپيل عملو ضرورت موجب سفر ڪري سگهي. هن چيو ته جمهوريه ڪانگو لاءِ گڏيل قومن جي انساني امدادي واري منصوبي کي 2.1 ارب آمريڪي ڊالرز گهربل آهن. هيستائين رڳو 45 سيڪڙو فنڊز ئي فراهم ڪيا ويا آهن . ڪارل اسڪا چيو ته خوراڪ جي عالمي اداري کي ڪانگو ۾ ايبولا رد عمل لاءِ ايندڙ ڇهن مهينن  دوران 76 ملين آمريڪي ڊالرز گهربل آهن جيڪي رڳو رسد ۽ انتظامي معاملن لاءِ آهن، خوراڪ جي فراهمي ان ۾ شامل ناهي.