واشنگٽن-30 جولاءِ(اي پي پي) آمريڪي خلائي فورس کان خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس کي فالڪن 9 راڪيٽن جي 18 مشنز لاءِ 1.6 ارب ڊالرز جو ڪانٽريڪٽ ملي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان مشنز ذريعي پينٽاگون جا اهڙا سيٽلائيٽس خلا ۾ موڪليا ويندا جيڪي فضائي هدفن جي نگراني ۽ نشاندهي لاءِ استعمال ٿيندا. اهي مشنز آمريڪي خلائي فورس جا وڏا لانچ خريداري پروگرام تحت اسپيس ايڪس کي 2 الڳ الڳ ٽاسڪ …
اسپيس ايڪس کي آمريڪي خلائي فورس کان 1.6 ارب ڊالرز جو ڪانٽريڪٽ ملي ويو

مزید خبریں
واشنگٽن-30 جولاءِ(اي پي پي) آمريڪي خلائي فورس کان خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس کي فالڪن 9 راڪيٽن جي 18 مشنز لاءِ 1.6 ارب ڊالرز جو ڪانٽريڪٽ ملي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان مشنز ذريعي پينٽاگون جا اهڙا سيٽلائيٽس خلا ۾ موڪليا ويندا جيڪي فضائي هدفن جي نگراني ۽ نشاندهي لاءِ استعمال ٿيندا. اهي مشنز آمريڪي خلائي فورس جا وڏا لانچ خريداري پروگرام تحت اسپيس ايڪس کي 2 الڳ الڳ ٽاسڪ آرڊرز ذريعي ڏنا ويا آهن . ان پروگرام ۾ اسپيس ايڪس کان علاوه يونائيٽڊ لانچ الائنس ، بليو اوريجن ۽ ٻيون آمريڪي ڪمپنيون به شامل آهن . رپورٽ مطابق ، اسپيس ايڪس هلندڙ سال پينٽاگون کان گهٽ ۾ گهٽ 7 ارب ڊالرن جي ماليت جا ٺيڪا حاصل ڪيا آهن. اهو معاهدو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه طرفان تجويز ڪيل گولڊن ڊوم ميزائل دفاعي نظام جي تياري جي منصوبن کي نظر ۾ رکندي سامهون آيا آهن. جيڪي اٽڪل 185 ارب ڊالرن جو ڪيترن ئي سالن جو منصوبو آهي. اسپيس ايڪس کي مئي ۾ به آمريڪي خلائي فورس کان 6.5 ارب ڊالرن جي ماليت جا سيٽلائيٽ معاهدا مليا هئا، جنهن ۾ فضائي سرگرم هدف جي نشاندهي ڪندڙ سيٽلائٽس جي نيٽ ورڪ لاءِ 4.16 ارب ڊالرز ۽ مواصلاتي سيٽلائيٽس لاءِ 2.29 ارب ڊالرز شامل هئا. آمريڪي خلائي فورس جي معاملن جي عهديدار ايرڪ زاربنڪسي چيو ته اهو معاهدو هڪ غير معمولي ٻن مهينن جي حصولي عمل جو حصو هو. سندس مطابق، خلائي فورس نجي شعبي کان خلائي جهازن ۽ راڪٽ لانچز جي خريداري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ چاهي ٿو . اسپيس ايڪس پينٽاگون جي معاهدن ۾ پنهنجي حريفن تي نمايان برتري برقرار رکي آهي ، پر ڪجهه آمريڪي قانون سازن خدشا ظاهر ڪيا آهن ته دفاع وارو کاتو ڪنهن هڪ ڪمپني تي حد کان وڌيڪ دارومدار رکي رهيو آهي. خلائي فورس اختيارين چيو ته هو خلائي صنعت ۾ وڌيڪ سرگرمي ۽ مقابلي کي هٿي ڏيڻ چاهين ٿا.











