سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پاران مٽياري ضلعي جو دورو

مٽياري- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ضلعي مٽياري جو دورو ڪيو، جتي هن مختلف هنڌن تي عوام، معززن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، سندن مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. دوري دوران گورنر مٽياري جي علائقي ڀاڻوٽ ۾ شاهه زمان شاهه جي رهائشگاهه تي پهتو، جتي علائقي واسين سندس گرمجوشي سان آجيان ڪئي. ان …

مٽياري- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ضلعي مٽياري جو دورو ڪيو، جتي هن مختلف هنڌن تي عوام، معززن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، سندن مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. دوري دوران گورنر مٽياري جي علائقي ڀاڻوٽ ۾ شاهه زمان شاهه جي رهائشگاهه تي پهتو، جتي علائقي واسين سندس گرمجوشي سان آجيان ڪئي. ان موقعي تي معززن کيس سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي. بعد ۾ گورنر نيو سعيدآباد پهچي رائو اسلم جي گهرواري جي وفات تي تعزيت ڪئي، مرحومه لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ان کان پوءِ گورنر هالا ۾ واقع ماشاءُ الله هائوس پهتو، جتي عوام، معززن ۽ نصير ميمڻ سندس ڀرپور استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته مضبوط ۽ خوشحال سماج برداشت، رواداري، گڏيل احترام ۽ قانون جي پاسداري سان ئي تعمير ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ميان محمد نواز شريف ملڪ ۾ موٽرويز، گرڊ اسٽيشنن، هوائي اڏن ۽ ٻين وڏن ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو ۽ هميشه اصولن، ترقي ۽ عوامي خدمت جي سياست کي هٿي ڏني. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان قيادت کي ميان نواز شريف کان سکڻ گهرجي ته اصولن تي قائم رهي عوام جي خدمت ڪيئن ڪئي ويندي آهي. گورنر ان عزم جو اظهار ڪيو ته ترقي يافته پاڪستان جو بنياد ايماندار قيادت، عوامي خدمت ۽ قومي مفاد کي اوليت ڏيڻ تي قائم آهي.

مزید خبریں