لاڙڪاڻو پوليس ۾ خود احتسابي جو عمل سخت، ايس ايس پي پاران 146 آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري

لاڙڪاڻو- 29 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ۾ خود احتسابي جو عمل سخت، 146 آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. لاڙڪاڻو پوليس ۾ اندروني احتساب جي عمل کي وڌيڪ سخت بڻائيندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري فرضن ۾ غفلت ۽ عوامي شڪايتن جي بنياد تي 146 پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي خلاف سخت کاتيوار ڪارروائين جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پوليس ترجمان …

لاڙڪاڻو- 29 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ۾ خود احتسابي جو عمل سخت، 146 آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. لاڙڪاڻو پوليس ۾ اندروني احتساب جي عمل کي وڌيڪ سخت بڻائيندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري فرضن ۾ غفلت ۽ عوامي شڪايتن جي بنياد تي 146 پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي خلاف سخت کاتيوار ڪارروائين جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پوليس ترجمان موجب فرضن ۾ غفلت ۽ عوامي شڪايتن تي 07 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. نوڪري تان برطرف ٿيندڙن ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر علي گوهر جويو، سب انسپيڪٽر علي بخش جلباڻي، سب انسپيڪٽر آصف علي تنيو، اي ايس آءِ ضمير حسين ڏھر، ڪانسٽيبل اياز علي، ڪانسٽيبل مصحب علي ۽ نائب قاصد ضمير حسين چانڊيو شامل آهن. ان کان سواءِ 139 ٻين پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي سينشور، فارفيوچر ۽ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري چيو آهي ته پوليس فورس ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويندو. جڏهن ته فرضن ۾ غفلت ۽ ناقص ڪارڪردگي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ان تي سخت کاتيوار ڪارروائيون عمل ۾ آنديون وينديون.

مزید خبریں