بدين - 29 جولاءِ (اي پي پي) ڊاڪٽر سڪندر علي مينڌرو انڊس سول اسپتال بدين جيڪا انڊس هيلٿ اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي انتظام هيٺ هلي رهي آهي تنهن مالي سال جولاءِ 2025ع کان جون 2026ع دوران بدين ضلع ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي لکين غريب ۽ مستحق مريضن کي معياري ۽ مڪمل طور مفت طبي سهولتون فراهم ڪري اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي، سال دوران مجموعي طور …
ڊاڪٽر سڪندر علي مينڌرو انڊس سول اسپتال بدين پاران هڪ سال دوران مجموعي طور 6 لک 45 هزار 151 مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم

مزید خبریں
بدين – 29 جولاءِ (اي پي پي) ڊاڪٽر سڪندر علي مينڌرو انڊس سول اسپتال بدين جيڪا انڊس هيلٿ اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي انتظام هيٺ هلي رهي آهي تنهن مالي سال جولاءِ 2025ع کان جون 2026ع دوران بدين ضلع ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي لکين غريب ۽ مستحق مريضن کي معياري ۽ مڪمل طور مفت طبي سهولتون فراهم ڪري اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي، سال دوران مجموعي طور 6 لک 45 هزار 151 مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيُون ويُون. اسپتال جي ترجمان واثق احمد ميمڻ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، هڪ سال دوران او پي ڊي، ايمرجنسي، فيملي ميڊيسن ڪلينڪس ۽ موبائل بس ڪلينڪ سميت مختلف شعبن مان مجموعي طور 6 لک 45 هزار 151 مريضن علاج جون سهولتون حاصل ڪيون، ايمرجنسي شعبي ۾ 2 لک 45 هزار 387 مريضن کي هنگامي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته فيملي ميڊيسن ڪلينڪس ۾ 2 لک 44 هزار 921 مريضن جو معائنو ڪيو ويو. ڪنسلٽنگ ڪلينڪس ۾ 1 لک 54 هزار 843 مريضن کي طبي مشورا، معائنو ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون، جڏهن ته موبائل بس ڪلينڪ ذريعي ڏورانهن علائقن جي 12 هزار 611 مريضن کي سندن علائقن ۾ ئي مفت طبي سهولتون ڏنيون ويون. ترجمان موجب، مالي سال دوران مجموعي طور 40 هزار 902 مريض اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا، جن مان 26 هزار 133 ميڊيڪل ۽ 14 هزار 769 سرجيڪل مريض هئا. ان ئي عرصي دوران مختلف شعبن ۾ 11 هزار 700 آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ عورتن ۽ زچگي، جنرل سرجري، آرٿوپيڊڪس، يورولوجي ۽ اي اين ٽي جا آپريشن شامل آهن. واثق احمد ميمڻ وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ سال دوران اسپتال ۾ 7 هزار 479 زچگيون ڪرايون ويون، جن مان 7 هزار 360 صحتمند ٻارن جي پيدائش ٿي. جڏهن ته توسيعي حفاظتي ٽُڪن واري پروگرام (EPI) تحت 29 هزار 279 ٻارن ۽ 3 هزار 591 عورتن کي حفاظتي ٽُڪا هنيا ويا. تشخيصي شعبي بابت هن ٻڌايو ته هڪ سال دوران مجموعي طور 10 لک 41 هزار 691 ليبارٽري ٽيسٽ ۽ ريڊيالاجي جا معائنا ڪيا ويا، جن ۾ 9 لک 13 هزار 798 ليبارٽري ٽيسٽ، 1 لک 5 هزار 479 ايڪسري، 19 هزار 254 الٽراسائونڊ ۽ 3 هزار 129 سي ٽي اسڪين شامل آهن. اسپتال انتظاميا ان موقعي تي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته انڊس هيلٿ اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جو بنيادي مقصد بنا امتياز انسانيت جي خدمت ڪندي غريب ۽ مستحق ماڻهن کي عزت نفس سان 100 سيڪڙو مفت ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. انتظاميا موجب سول اسپتال بدين ۾ دوائون، تشخيصي ٽيسٽ، آپريشن ۽ داخلائن جون سموريون سهولتون مڪمل طور مفت مهيا ڪيون پيون وڃن ۽ مستقبل ۾ انهن خدمتن جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.










