اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهي ۽ انهن کي معياري تعليم، جديد مهارتن ۽ اڳواڻي واريون صلاحيتون فراهم ڪرڻ وقت جي اهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي باني صدر حمزه رحمان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران نوجوانن جي قيادت، تعليم، مهارتن کي هٿي …
نوجوانن کي معياري تعليم، جديد مهارتن ۽ اڳواڻي وارين صلاحيتن جا موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهي ۽ انهن کي معياري تعليم، جديد مهارتن ۽ اڳواڻي واريون صلاحيتون فراهم ڪرڻ وقت جي اهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي باني صدر حمزه رحمان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران نوجوانن جي قيادت، تعليم، مهارتن کي هٿي وٺائڻ ۽ ڪميونٽي خدمتن بابت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي گورنر چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ڪري ملڪ جي پائيدار ترقي جي خوشحالي جو بنياد رکي سگهجي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نوجوانن لاءِ تعليم، هنر ۽ قيادت جا بهترين موقعا پيدا ڪرڻ، قومي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي. هن نوجوانن جي بهتري، سماجي خدمتن ۽ ڪميونٽي ترقي لاءِ يوٿ ڊويلپمنٽ پروگرام جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهڙيون سرگرميون نوجوان نسل کي قومي ترقي ۽ تعمير ۾ اثرائتي ڪردار لاءِ متحرڪ ڪنديون.










