بيجنگ- 29 جولاءِ (اي پي پي) چين آمريڪي دفاع واري کاتي طرفان ڪجهه چيني تحقيقي ادارن کي پابندين واري فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي عدم اطمينان ۽ انهن قدمن جي مخالفت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واپار واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته چين پنهنجي جاچ ادارن جي جائز حقن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻندو ۽ سائنسي ۽ فني مٽاسٽا ۽ سهڪار لاءِ سازگار ماحول کي يقيني …
چين پاران آمريڪا طرفان چين جي تحقيق ڪندڙ ادارن تي پابنديون لڳائڻ جي قدمن جي مخالفت

مزید خبریں
بيجنگ- 29 جولاءِ (اي پي پي) چين آمريڪي دفاع واري کاتي طرفان ڪجهه چيني تحقيقي ادارن کي پابندين واري فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي عدم اطمينان ۽ انهن قدمن جي مخالفت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واپار واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته چين پنهنجي جاچ ادارن جي جائز حقن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻندو ۽ سائنسي ۽ فني مٽاسٽا ۽ سهڪار لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته مسلسل قومي سلامتي جي تصور کي حد کان وڌيڪ هٿي ڏئي رهيا آهيون. ترجمان چيو ته آمريڪا جا اهي قدم ٻنهي ملڪن جي سائنسي برادرين وچ ۾ مٽاسٽا ۽ سهڪار کي نقصان پهچائيندا ۽ سائنسي ۽ فني واڌ ويجهه ۾ عالمي سهڪار جي عالمي رجحان جي به خلاف آهن . ترجمان آمريڪا تي زور ڀريو ته هو چيني تحقيقي ادارن خلاف بي بنياد الزام لڳائڻ بند ڪري. پنهنجي غلط پاليسين کي درست ڪري ۽ چيني تحقيقي ادارن کي منصفاڻي ، غير جانبداراڻي ۽ بنا فرق جي سلوڪ فراهم ڪري.











