چين پاران نار خطي ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي بحالي تي زور

گڏيل قومون- 29 جولاءِ(اي پي پي) چين نار خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين جي بحالي تي زور ڀريو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل مشن جي ناظم الامور سن لي نار خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ ٻيهر اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر جي صورتحال، فلسطين مسئلي تي منعقد کليل مباحثي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ مهيني کان وڌيڪ …

گڏيل قومون- 29 جولاءِ(اي پي پي) چين نار خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين جي بحالي تي زور ڀريو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل مشن جي ناظم الامور سن لي نار خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ ٻيهر اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر جي صورتحال، فلسطين مسئلي تي منعقد کليل مباحثي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو اڳ امريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئه ٿيل مفاهمتي ياداشت ڪيترين ئي ڌرين جي ٽياڪڙي ۽ سفارتي ڪوششن جو اهم نتيجو آهي جنهن سان وچ اوڀر جي عوام جي جنگ جي خاتمي ۽ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي اميدن جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن چيو ته جڏهن ڳالهين جو دروازو کلي چڪو آهي ته ان کي بند نه ٿيڻ گهرجي، جيسيتائين امن جي اميد موجود آهي ڪوششون ختم نه ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته چين پاڪستان ۽ ٻين ڌرين جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو، جڏهن ته لاڳاپيل ڌرين کي پنهنجي اختلافن کي ڳالهين ۽ صلاح مشوري واري عمل ذريعي مناسب انداز ۾ حل ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجن.