آءِ ٽي جي خرابي سبب آمريڪي ايئر لائينز جون اڏامون عارضي طور تي معطل، آپريشن بحال

واشنگٽن- 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي هوائي ڪمپني آمريڪن ايئر لائنز جون اڏامون ملڪ گير سطح تي عارضي طور ملتوي رهڻ بعد ٻيهر بحال ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني جي مختلف آءِ ٽي سسٽمز ۾ خرابي سبب سمورين اڏامن کي ڪجهه وقت لاءِ روڪيو ويو هيو. فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن ( ايف اي اي ) ٻڌايو ته سسٽم ۾ فني خرابي سبب آمريڪي ايئر لائنز جي سمورين …

واشنگٽن- 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي هوائي ڪمپني آمريڪن ايئر لائنز جون اڏامون ملڪ گير سطح تي عارضي طور ملتوي رهڻ بعد ٻيهر بحال ڪيون ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني جي مختلف آءِ ٽي سسٽمز ۾ خرابي سبب سمورين اڏامن کي ڪجهه وقت لاءِ روڪيو ويو هيو. فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن ( ايف اي اي ) ٻڌايو ته سسٽم ۾ فني خرابي سبب آمريڪي ايئر لائنز جي سمورين اڏامن تي سڄي ملڪ ۾ عارضي طور روڪي رکڻ لاءِ چيو ويو جنهن تحت ڪنهن به اڏام کي روانگي جي اجازت نه ڏني وئي. ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ٽي سسٽمز بحال ٿي ويو آهي ۽ اڏامن جي روانگي ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي. ڪمپني موجب فني خرابي ختم ڪرڻ دوران احتياطي قدمن طور تي عارضي گرائونڊ اسٽاپ لاڳو ڪيو ويو هيو جڏهن ته سسٽمز ٻيهر آن لائن اچي چڪو آهي. اڏامون معمول موجب روانيون ٿي رهيون آهن.