سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو 283هُون عرس مبارڪ ڀٽ شاهه ۾ شروع، سنڌ جي گورنر سيد نھال هاشمي مزار تي گُلن جي چاڌر چاڙهي عرس مُبارڪ جي تقريبن جو افتتاح ڪيو

ڀٽ شاهه- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو 283هُون عرس مبارڪ ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي ويو آهي، سنڌ جي گورنر سيد نھال هاشمي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي گُلن جي چاڌر چاڙهي عرس مُبارڪ جي تقريبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر سيد نھال هاشمي چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ هر مذهب، هر …

ڀٽ شاهه- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو 283هُون عرس مبارڪ ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي ويو آهي، سنڌ جي گورنر سيد نھال هاشمي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي گُلن جي چاڌر چاڙهي عرس مُبارڪ جي تقريبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر سيد نھال هاشمي چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ هر مذهب، هر طبقي ۽ سموري انسانيت لاءِ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام کڻي آيا. هن چيو ته سنڌ جي عوام لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته کين "شاهه جو رسالو” جهڙو عظيم علمي، ادبي ۽ روحاني خزانو نصيب ٿيو آهي.

سيد نھال هاشمي چيو ته "شاهه جو رسالو” دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي، جيئن سڄي دُنيا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي عظمت، فڪر، فلسفي، محبت ۽ انسان دوستي کان واقف ٿي سگهي. هن چيو ته جڏهن دنيا ۾ ماڻهو تلوارن سان هڪ ٻئي سان جنگين ۾ مصروف هئا، تڏهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ محبت، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي رهيا هئا، ان لاءِ دنيا کي اهو معلوم ٿيڻ گهرجي ته سنڌ ۽ پاڪستان محبت، برداشت ۽ امن جا علمبردار آهن. سنڌ جي گورنر چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي حاضري ڀري عرس مُبارڪ جو افتتاح ڪرڻ سندس لاءِ سعادت ۽ خوشي جو باعث آهي. هن چيو ته اڄ هتي مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي موجودگي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي آفاقي پيغامِ امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ رواداري جو عملي ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو پيغام ڪنهن هڪ علائقي يا ملڪ تائين محدود ناهي، پر پوري انسانيت لاءِ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي، جڏهن ته سندن تعليمات اڄ به نفرتن جي خاتمي، سماجي هم آهنگي ۽ انسانيت جي واڌاري لاءِ مؤثر رهنمائي فراهم ڪري رهي آهي.

مزید خبریں