هيپاٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي، ان خلاف اثرائتي جدوجهد اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي: سيد محمد نهال هاشمي

ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي هيپاٽائٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هيپاٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي، ان خلاف اثرائتي جدوجهد اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيپاٽائيٽس جي خاتمي ۽ صحتمند پاڪستان جو ويزن حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وقت سر سڃاڻپ، احتياطي تدبيرون ۽ عوامي آگاهي سان ئي ان …

ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي هيپاٽائٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هيپاٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي، ان خلاف اثرائتي جدوجهد اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيپاٽائيٽس جي خاتمي ۽ صحتمند پاڪستان جو ويزن حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وقت سر سڃاڻپ، احتياطي تدبيرون ۽ عوامي آگاهي سان ئي ان موذي مرض تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته رت جي محفوظ منتقلي، جراثيم کان پاڪ طبي اوزار، صاف پاڻي ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار اصول هيپاٽائيٽس کان اثرائتو تحفظ فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته علامتن جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ فوري ٽيسٽ ڪرايو وڃي، جلد سڃاڻپ زندگي بچائي سگهي ٿي.

مزید خبریں