بدين ۾ سومرا برادري ۽ شھرين پاران ضلعي ۾ بدامني ۽ ڏوهن ۾ اضافي خلاف 7 آگسٽ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

بدين - 28 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ سومرا برادري ۽ شھرين ضلعي ۾ بدامني ۽ ڏوهن ۾ اضافي خلاف 7 آگسٽ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سماجي براين جي خاتمي تائين سندن جدوجھد جاري رهندي. بدين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پروفيسر عبدالمنان سومرو، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو، عمران سومرو، عبدالحنان سومرو ۽ محبوب سومرو چيو ته پوليس پنھنجي ذميوارين نڀائڻ ۾ …

بدين – 28 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ سومرا برادري ۽ شھرين ضلعي ۾ بدامني ۽ ڏوهن ۾ اضافي خلاف 7 آگسٽ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سماجي براين جي خاتمي تائين سندن جدوجھد جاري رهندي. بدين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پروفيسر عبدالمنان سومرو، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو، عمران سومرو، عبدالحنان سومرو ۽ محبوب سومرو چيو ته پوليس پنھنجي ذميوارين نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته چونڊيل نمائندا به لاتعلق بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته سندن ڪنھن به سياسي پارٽي سان واسطو ناهي ۽ سندن تحريڪ رڳو بدين کي امن جو ڳڙهه بڻائڻ لاءِ آهي هنن اعلان ڪيو ته 7 آگسٽ تي هزارين شھرين جي شرڪت سان علامتي بک هڙتال ذريعي تحريڪ جو باقاعده آغاز ڪيو ويندو، هنن چيو ته منشيات ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي نٿي ٿئي جڏهن ته عام شھرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته بدين ۾ امن امان جي بحالي رڳو سندن نه پر هر شھري جو گڏيل مسئلو آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هنن دعويٰ ڪئي ته پوليس مقابلن ۾ صرف عام ماڻھن کي نشانو بڻايو ويو آهي جڏهن ته بااثر ماڻھن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، اسان جي ايس ايس پي سان به ملاقات ٿي چُڪي آهي، پر ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اڃان تائين ڪي به جوڳا اُپاءُ ناهن ورتا ويا، هنن چيو ته بدين جا وڪيل واپاري ۽ مختلف سماجي ڌريون به ڏوهن جي خاتمي لاءِ ساڻن رابطي ۾ آهن ۽ اميد آهي ته بدين جا شھري سندن تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندا ۽ گڏيل ڪوششن سان ضلعي کي ڏوهن کان پاڪ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، هنن بدين واسين کي اپيل ڪئي ته منشيات بدامني ۽ ٻين سماجي براين جي خاتمي لاءِ سندن تحريڪ جو حصو بڻجن ڇو ته هي جدوجھد هر ڪنهن جي مستقبل سان واڳيل آهي.

مزید خبریں