سنڌ حڪومت پاران ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز جي نئين بلاڪ جي تعمير ۽ طبي سهولتن ۾ اضافي جو فيصلو

ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز جي نئين بلاڪ جي تعمير ۽ طبي سهولتن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيَ وهاب جي صدارت هيٺ ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز بابت خاص اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ ڪڊني انسٽيٽيوٽ کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، جڏهن ته ان …

ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز جي نئين بلاڪ جي تعمير ۽ طبي سهولتن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيَ وهاب جي صدارت هيٺ ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز بابت خاص اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ ڪڊني انسٽيٽيوٽ کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، جڏهن ته ان جو دائرو سڄي شهر تائين وڌائيندي سيٽلائيٽ سينٽر به قائم ڪيا ويندا. ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيز لاءِ پنهنجي پاران ڊائليسز مشين ۽ آر او پلانٽ فراهم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ميئر ڪراچي سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل سروسز ڊاڪٽر بابر خان کي نئين بلاڪ لاءِ جڳهه جي چونڊ ڪري جلد کان جلد اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ آءِ ڪي ڊي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر خرم دانيال ،سينيئر ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن اخلاق احمد يوسفزئي، سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل سروسز ڊاڪٽر بابر خان ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.