لاڙڪاڻي لڳ نوجوان عقيل احمد سهتو گوليون هڻي قتل، واقعي بعد جوابدار فرار

لاڙڪاڻو-28 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڀرسان آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ نهال جي مياڻي ۾ گذريل رات دير سان مبينا طور اڻڄاتل هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي نوجوان عقيل احمد سهتو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي …

لاڙڪاڻو-28 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ڀرسان آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ نهال جي مياڻي ۾ گذريل رات دير سان مبينا طور اڻڄاتل هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي نوجوان عقيل احمد سهتو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران وارثن ٻڌايو آهي ته مقتول جو جتوئي ۽ عمراڻي برادري جي ڪجهه ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ هيو ۽ ان ئي معاملي تان کيس قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جلد حقيقتون سامهون آڻي ملوث جوابدارن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو. هوڏانهن مقتول ڳوٺاڻي جي وارثن پڻ الزام لڳايو ته جتوئي ۽ عمراڻي برادري سان تعلق رکندڙ جوابدارن اسان جي نوجوان عقيل احمد سهتو کي قتل ڪري اسان سان وڏو ناحق ڪيو آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي پوليس کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏئي مقتول جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.