ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ ايمپلائز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ سيسي جي ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو چيو آهي ته (سيسي) جي انتظام هيٺ لانڍي اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسز جي جاچ لاءِ 5 رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.هن چيو ته چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نائله ظهير جي سربراهي ۾ قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي لانڍي اسپتال ۾ رپورٽ ٿيل سمورن ايڇ آءِ وي ڪيسن ۽ مجموعي صورتحال جو …
لانڍي اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن جي جاچ لاءِ 5 رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي: سيسي جو ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو

مزید خبریں
ڪراچي-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ ايمپلائز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ سيسي جي ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو چيو آهي ته (سيسي) جي انتظام هيٺ لانڍي اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسز جي جاچ لاءِ 5 رڪني انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.هن چيو ته چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نائله ظهير جي سربراهي ۾ قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي لانڍي اسپتال ۾ رپورٽ ٿيل سمورن ايڇ آءِ وي ڪيسن ۽ مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺندي. سيسي جي ڪمشنر هادي بخش ڪلهوڙو موجب انڪوائري ڪميٽي ۾ ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر اشرف، ڊاڪٽر راشد حسن نقوي، ڊاڪٽر تنوير قادر خانزاده ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر آڊٽ محمد طاهر شامل آهن. ڪمشنر سيسي ٻڌايو ته انڪوائري ڪميٽي 7 ڏينهن اندر پنهنجي تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿيل ڪيسن، ليبارٽري ۽ اسڪريننگ ٽيسٽن، اسپتال جي عملي، سيسي جي مزدورن ۽ انهن جي گهرڀاتين بابت تفصيلي تحقيق ڪندي. انڪوائري ڪميٽي رپورٽ ٿيل ايڇ آءِ وي ڪيسز جي وچ ۾ وبائي مرض جي رابطن جي پڻ جانچ ڪندي ۽ انفيڪشن پکڙجڻ جي ممڪن ذريعن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي. ڪمشنر سيسي هادي بخش ڪلهوڙو موجب ڪميٽي اسپتال ۾ انجيڪشن لڳائڻ جي طريقن جو جائزو وٺندي، جڏهن ته ڊسپوزيبل سرنجز جي استعمال بابت پڻ جاچ ڪئي ويندي.ان کان علاوه ڪميٽي دوائن ۽ ڊسپوزيبل شين جي خريداري ۽ انهن جي دستيابي بابت پڻ پڇا ڳاڇا ڪندي. انڪوائري ڪميٽي لانڍي اسپتال ۾ بايو ميڊيڪل ويسٽ مئنيجمينٽ، ايس او پيز ۽ انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول تي عملدرآمد جو پڻ جائزو وٺندي.ڪميٽي متاثر ٻارن ۽ انهن جي والدين، جيڪڏهن ڪو موجود هجي، بابت ڊيٽا پڻ تيار ڪندي، جنهن ۾ متاثر ٿيل ٻارن بابت ضروري معلومات گڏ ڪئي ويندي.ڪمشنر سيسي موجب انڪوائري ڪميٽي اسپتال جي مجموعي ڪم ڪار ۽ انتظامي نظام ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پنهنجي نتيجن ۽ مخصوص سفارشن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي.هن چيو ته انڪوائري دوران جيڪڏهن ڪنهن فرد يا اداري جي ذميواري سامهون آئي ته ان جو پڻ تعين ڪيو ويندو. انڪوائري ڪميٽي سمورن معاملن جي جاچ مڪمل ڪري 7 ڏينهن اندر پنهنجي تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي.











